وزيراعظم محمد شهباز شريف سومر ڏينهن بيجنگ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو

بيجنگ- 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سومر ڏينهن بيجنگ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي چيانگ ۽ اعليٰ چيني قيادت سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم کي عظيم عوامي هال پهچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو. چيني وزيراعظم سندس استقبال ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن جي وفدن …

بيجنگ- 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سومر ڏينهن بيجنگ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي چيانگ ۽ اعليٰ چيني قيادت سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم کي عظيم عوامي هال پهچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو. چيني وزيراعظم سندس استقبال ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن جي وفدن جي سطح تي ملاقات ٿيندي. ٻئي وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي مٽاسٽا جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندا. وزيراعظم وفد سان گڏ تيانمن اسڪوائر ۾ عوامي هيروز جي يادگار تي حاضري ڀري گلن جي چاڌر چاڙهيندو. وزيراعظم ناليوارن چيني سيڙپڪارن ۽ چيني ڪمپنين جي سي اي اوز سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم چين جي اعليٰ قيادت سان گڏ پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو.

مزید خبریں