وزيراعظم شهباز شريف جون هانگزو ۾ مختلف اهم چيني ڪمپنين جي اعلى عهديدارن سان ملاقاتون، سيڙپڪاري، قابل تجديد توانائي سميت بزنس ٽو بزنس تعاون جي اهميت تي زور

هانگزو – 24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هانگزو ۾ مختلف اهم چيني ڪمپنين جي اعلى عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان سان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ موجود ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چين جي ڪارپوريٽ شعبي سان …

هانگزو – 24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هانگزو ۾ مختلف اهم چيني ڪمپنين جي اعلى عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان سان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ موجود ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چين جي ڪارپوريٽ شعبي سان رابطن جي فروغ جي سلسلي ۾ وزيراعظم شينگ هواننيگ يوان ڪي جي ڪمپني، سي اي ٽي ايل، اسٽار چارج ۽ شيوزينگ فارماسيوٽيڪل گروپ جي نمائندن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم شينگ هواننيگ يوان ڪي جي ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايگنس سيو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم پاڪستان ۾ اڀرندڙ قابل تجديد توانائي جي مارڪيٽ ۽ ان شعبي ۾ وڌندڙ طلب کي اجاگر ڪيو. هن خاص طور تي شمسي توانائي جي فروغ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل پاليسي قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم سي اي ٽي ايل جي ايگزيڪيوٽو صدر آسڪر لوئو سان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ۾ جديد بيٽري ٽيڪنالاجي، توانائي ذخيرو ڪرڻ جي نظام ۽ شمسي توانائي سان واڳيل منصوبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ته جيئن پاڪستان جي صاف توانائي طرف منتقلي ۾ مدد فراهم ڪري سگهجي. وزيراعظم جي اسٽار چارج گروپ جي چيئرپرسن ڊين وي شائو سان پڻ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي چارجنگ انفراسٽرڪچر ۽ سمارٽ موبيلٽي سسٽمز تي تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شيوزينگ فارماسيوٽيڪلز جي صدر زن يوان پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. شيوزينگ فارماسيوٽيڪل گروپ سان ڳالهه ٻولهه ۾ دواسازي جي صنعت، صحت جي شعبي ۾ تعاون ۽ پاڪستان جي تيزي سان ترقي ڪندڙ طبي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا بحث هيٺ آيا. ملاقاتن دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي، نيون پيداواري فيڪٽريون قائم ڪرڻ ۽ اڳ کان موجود فيڪٽرين ۽ پلانٽس جي توسيع جي امڪانن تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقاتن ۾ وزيراعظم پاڪستان ۾ ڪاروبار ۾ آساني جي لاءِ حڪومت جي پاليسين ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن تي روشني وڌي. هن پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان سان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ موجود ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

مزید خبریں