چين - 24 مئي (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي موجودگي ۾ سميڊا ۽ علي بابا گروپ وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪيون ويون، جنهن جو مقصد ڊجيٽل واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان جي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي عالمي مارڪيٽن تائين رسائي فراهم ڪرڻ آهي، صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت مان جاري بيان موجب ان موقعي تي …
پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سميڊا ۽ علي بابا گروپ وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون

مزید خبریں
چين – 24 مئي (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي موجودگي ۾ سميڊا ۽ علي بابا گروپ وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪيون ويون، جنهن جو مقصد ڊجيٽل واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان جي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي عالمي مارڪيٽن تائين رسائي فراهم ڪرڻ آهي، صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت مان جاري بيان موجب ان موقعي تي خطاب ڪندي هارون اختر چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب حڪومت ايس ايم ايز سيڪٽر جي ڊجيٽل تبديلي لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستاني ڪاروبار ڪندڙن کي اي ڪامرس پليٽ فارمز ذريعي عالمي مارڪيٽن سان جوڙڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي. هن چيو ته علي بابا گروپ سان ڀائيواري سان نوجوانن، ڪاروباري ماڻهن ۽ اسٽارٽ اپس لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا، جڏهن ته ان سان پاڪستان ۾ روانگي واپار ۽ ڊجيٽل واپار کي هٿي ملندي. هارون اختر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ايس ايم اي سيڪٽر قومي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين زريعي سيڙپڪاري، روانگي واپار ۽ صنعتي ترقي کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن سميڊا ۽ علي بابا گروپ وچ ۾ شراڪتداري کي پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي ڪاروباري رابطن کي هٿي ڏيڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. صحيحين واري تقريب ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو سيڪريٽري سيف انجم ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري به موجود هو.










