اسلام آباد - 24 مئي (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري اتر وزيرستان جي علائقي ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 11 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت چيو ته ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم دهشتگردن خلاف ڪارروائيون قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ اڻٽر …
صدر آصف علي زرداري پاران فتنه الخوارج جي 11 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري اتر وزيرستان جي علائقي ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 11 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت چيو ته ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم دهشتگردن خلاف ڪارروائيون قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ اڻٽر آهن. صدر مملڪت چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ تائين جنگ جاري رهندي.










