گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاران اتر وزيرستان ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف

اسلام آباد - 24 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه ڪندي 11 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻين صلاحيتن کي ساراهيو آهي. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر وقت سر ڪارروائي ڪري ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي منطقي انجام …

اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه ڪندي 11 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻين صلاحيتن کي ساراهيو آهي. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر وقت سر ڪارروائي ڪري ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي منطقي انجام تائين پهچايو. محسن نقوي چيو ته ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.

مزید خبریں