اسلام آباد - 24 مئي (اي پي پي) سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ڪوئٽا واقعي تي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا صورتحال تي گهري نظر رکيو ويٺا آهن. وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير ڪوئٽا واقعي تي قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثر ڪٽنبن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. …
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير پاران ڪوئٽا واقعي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ڪوئٽا واقعي تي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا صورتحال تي گهري نظر رکيو ويٺا آهن. وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير ڪوئٽا واقعي تي قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثر ڪٽنبن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته ملڪي امن امان کي نقصان پهچائيندڙ ڌريون پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿينديون، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادرا صورتحال تي گهري نظر رکيو ويٺا آهن. قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ پوري قوم متحد آهي.










