هانگزو – 24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي امن قائم ڪرڻ لاءِ سندس غير معمولي ڪوششن ۽ سعودي عرب، قطر، ترڪيه، مصر، گڏيل عرب امارات، اردن ۽ پاڪستان جي اڳواڻن سان ٿيل نهايت فائدي مند ۽ نتيجي جوڳي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه تي مبارڪون ڏنيون آهن. سماجي رابطن جي ويب سائٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هو صدر ڊونلڊ ٽرمپ …
وزيراعظم شهباز شريف پاران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي امن قائم ڪرڻ لاءِ غير معمولي ڪوششن تي مبارڪون

مزید خبریں
هانگزو – 24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي امن قائم ڪرڻ لاءِ سندس غير معمولي ڪوششن ۽ سعودي عرب، قطر، ترڪيه، مصر، گڏيل عرب امارات، اردن ۽ پاڪستان جي اڳواڻن سان ٿيل نهايت فائدي مند ۽ نتيجي جوڳي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه تي مبارڪون ڏنيون آهن. سماجي رابطن جي ويب سائٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هو صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي امن قائم ڪرڻ لاءِ سندس غير معمولي ڪوششن ۽ سعودي عرب، قطر، ترڪيه، مصر، گڏيل عرب امارات، اردن ۽ پاڪستان جي اڳواڻن سان ٿيل نهايت فائدي مند ۽ نتيجي جوڳي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه تي مبارڪون پيش ڪري ٿو، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ سڄي عمل دوران سندس اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه موجوده علائقائي صورتحال ۽ خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ جاري امن ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو فراهم ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مڪمل سنجيدگي سان امن ڪوششون جاري رکندو ۽ اسان کي اميد آهي ته ڳالهين جي ايندڙ دور جي ميزباني جلد ئي ڪنداسين.











