هانگزو - 24 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي متحرڪ قيادت ۾ حڪومت معاشي بحالي، صنعتي توسيع ۽ پائيدار ترقي جي پرعزم ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، پوئتي واپس مڙي ڏسڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هاڻي رڳو اڳيان ۽ مٿانهين ڏانهن سفر آهي، پاڪستان ۽ چين سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگره ملهائي رهيا آهن …
پاڪ چين دوستي وقت، عالمي تبديلين ۽ علائقائي چئلينجن باوجود وڌيڪ مضبوط ٿي آهي، واپس پوئتي موٽڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، هاڻي رڳو اڳيان ۽ مٿانهين ڏانهن جو سفر آهي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

مزید خبریں
هانگزو – 24 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي متحرڪ قيادت ۾ حڪومت معاشي بحالي، صنعتي توسيع ۽ پائيدار ترقي جي پرعزم ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، پوئتي واپس مڙي ڏسڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هاڻي رڳو اڳيان ۽ مٿانهين ڏانهن سفر آهي، پاڪستان ۽ چين سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگره ملهائي رهيا آهن جنهن تي فخر محسوس ٿو ٿئي، اسان جي دوستي وقت، عالمي تبديلين ۽ علائقائي چئلينجن باوجود وڌيڪ مضبوط ٿي آهي. پاڪستان چين بزنس ٽو بزنس سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام، بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽمز ۽ زراعت بابت ڪانفرنس جي افتتاحي اجاس کي خطاب ڪندي محمد اسحاق ڊار چيو ته کيس خوبصورت شهر هانگزو ۾ ڪانفرنس جو بندوبست ڪرڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چين جي چوڻي جو حوالو ڏيندي چيو ته ”مٿي آسمان آهي ۽ هيٺ سوزو ۽ هانگزو آهن“ ۽ اڄ واقعي محسوس ٿئي ٿو ته هانگزو کي زمين تي جنت ڇو چيو ويندو آهي. اسحاق ڊار چيو ته هو هن بي ٽو بي ڪانفرنس جي بندوبست ۾ مدد ۽ ويزن فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جي دل جي گهرائين سان ٿورو ادا ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ جن شعبن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، اهي پاڪستان جي معاشي تبديلي ۽ صنعتي جديديت لاءِ تمام اهم آهن. اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزارت، واپار واري وزارت، صوبي زي جيانگ جي قيادت ۽ چائنا ڪائونسل فار دي پروموشن آف انٽر نيشنل ٽريڊ، زي جيانگ صوبائي ڪميٽي جي تعاون جي به تعريف ڪئي. هن چيو ته گورنر ليو جيي جي ذاتي شرڪت ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي گهرائي جي عڪاسي آهي. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ چين جون 500 کان وڌيڪ ڪمپنيون شريڪ آهن ۽ اهي ادارا ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي شراڪتداري جي اصل طاقت آهن. اسحاق ڊار چيو ته گذريل چئن سالن دوران پاڪستان معاشي استحڪام حاصل ڪيو آهي ۽ پرڏيهي چئلينجز باوجود معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪاروبار لاءِ تيار آهي، پاڪستان سڌارا ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ترقي به ڪري رهيوآهي. هن چيو ته پرڏيهي وزارت اقتصادي سفارتڪاري کي پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي ٿنڀ بڻائي ڇڏيو آهي جڏهن ته چين سان وڌندڙ بي ٽو بي تعاون ان نئين حڪمت عملي جو واضح مثال آهي. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مضبوط دوستي هر گذرندڙ سال سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته هن وقت تائين چين ۽ پاڪستان ۾ مجموعي طور تي چار بي ٽو بي ڪانفرنسون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته هي شعباجاتي ڪانفرنسن جو پنجون ايڊيشن آهي. انهن ڪانفرنسن جي نتيجي ۾ 300 کان وڌيڪ مفاهمتي يادداشتنامن ۽ اٽڪل 3 درجن گڏيل منصوبن تي صحيحيون ٿي چڪيون آهن، جن جي مجموعي ماليت 13 ارب آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته هي رڳو انگ اکر ناهن پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعتماد، يقين ۽ گڏيل عزمن جوثبوت آهن. اسحاق ڊار چيو ته گذريل هفتي کيس اسلام آباد ۾ آءِ بي آءِ پاڪستان ڊجيٽل اڪانامي هيڊ ڪوارٽرز جي افتتاح ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو جڏهن ته چيئرمين چيان جي وزيراعظم سان بيجنگ ۾ ملاقات رڳو 8 مهينن کان پوءِ ڪمپني پاڪستان ۾ آفيس قائم ڪري پنهنجون سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن. هن پاڪستان جي سروسز گروپ ۽ چين جي لانگ مارچ ٽائرز وچ ۾ گڏيل منصوبي کي به ڪامياب مثال قرار ڏيندي چيو ته صرف پنجن سالن ۾ هي منصوبو هڪ ارب ڊالر ماليت جي ڪمپني بڻجي وڃي رهيو آهي، جيڪو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ فهرست ٿيل هوندي. اسحاق ڊار چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي جي خدمتن جي تعريف ڪندي چيو ته کيس تازو ئي چين جي پرڏيهي وزير پاران ”آئوٽ اسٽينڊنگ ڊپلوميٽ ميڊل“ سان نوازيو ويو هو جيڪو پاڪستان چين لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ ۾ سندس خدمتن جو اعتراف آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتي مشنز کي فعال رابطن، هدفن تائين پهچ، اسٽريٽجڪ حصيدارين ۽ عملي نتيجن تي ٻڌل اقتصادي سفارتڪاري جو اهو ماڊل اختيار ڪرڻو پوندو. نائب وزيراعظم چيو ته جڏهن پاڪستان ۽ چين سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگره ملهائي رهيا آهن ته اهو ڏسي فخر محسوس ٿئي ٿو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي وقت، عالمي تديلين ۽ علائقائي چئلينجن باوجود وڌيڪ مضبوط ٿي آهي. هن چيو ته حڪومتن وچ ۾ تاريخي لاڳاپا اڃان به متحرڪ ۽ وسعت پذير ڪاروباري شراڪتداري ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. اسحاق ڊار چين جي هڪ ٻي چوڻي ته ”هزار ميل جو سفر هڪ قدم سان ئي شروع ٿيندو آهي“ جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ٻه سال اڳ شنزن ۾ پهريون قدم کنيو هو ۽ هاڻي اهو سفر رفتار، اعتماد ۽ واضح مقصد سان اڳيان وڌي رهيو آهي. هن چيو ته هاڻي واپس پوئتي مڙي ڏسڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هاڻي رڳو اڳيان ۽ مٿانهين ڏانهن جو سفر آهي.











