اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) چائنا انٽرنيشنل پريس ڪميونيڪيشن سينٽر جي ريسرچ فيلو محمد ضمير اسدي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي تازي دوري کي غير معمولي اهميت وارو قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو رڳو هڪ رسمي يا سفارتي دورو ناهي پي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پراڻي، مضبوط ۽ آزمايل اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي نئين عزم جو واضح ۽ طاقتور اظهار آهي. گذريل ڏينهن جاري …
وزيراعظم جو چين جو دورو پاڪ چين اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي ن.ين عزم جو اظهار آهي: ضمير اسدي

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) چائنا انٽرنيشنل پريس ڪميونيڪيشن سينٽر جي ريسرچ فيلو محمد ضمير اسدي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي تازي دوري کي غير معمولي اهميت وارو قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو رڳو هڪ رسمي يا سفارتي دورو ناهي پي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پراڻي، مضبوط ۽ آزمايل اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي نئين عزم جو واضح ۽ طاقتور اظهار آهي. گذريل ڏينهن جاري پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ۽ اسٽريٽجڪ لحاظ کان وڌيڪ اهم ٿيندا پيا وڃن. ٻنهي ملڪن هميشا ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو ۽ گڏيل اعتماد، گڏيل مفادن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي ويزن کي هٿي ڏني. ضمير اسدي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو اهو دورو اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن خطي ۽ عالمي سطح تي تيزي سان تبديل ٿيندڙ جيوپوليٽيڪل صورتحال نوان چيلنجز ۽ موقعا پيدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته ان تناظر ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطا ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ هم آهنگي کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته اقتصادي سهڪار، واپار، سيڙپڪاري، انفراسٽرڪچر، ٽيڪنالاجي، زراعت، توانائي ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار جا نوان امڪان پيدا ٿيندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ چين ايندڙ سالن ۾ پنهنجي شراڪتداري کي وڌيڪ هٿي ڏيندي گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جا نوان هدف حاصل ڪندا.











