صدر مملڪت پاران ڪوئٽا ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت، دشمن عنصر عوام کي نقصان پهچائڻ سان گڏ پاڪستان جو عالمي امن وارين ڪوششن تان ڌيان هٽائڻ چاهين ٿا: آصف علي زرداري

اسلام آباد -24 مئي (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪوئٽا  ۾ دهشتگردي جي واقعي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته دسمن عنصر پاڪستان جي عوام کي نقصان پهچائڻ سان گڏ پاڪستان جو عالمي امن وارين ڪوششن تان ڌيان هٽائڻ چاهين ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته دنيا دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن جو اصل چهرو ڏسي وٺي …

اسلام آباد -24 مئي (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪوئٽا  ۾ دهشتگردي جي واقعي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته دسمن عنصر پاڪستان جي عوام کي نقصان پهچائڻ سان گڏ پاڪستان جو عالمي امن وارين ڪوششن تان ڌيان هٽائڻ چاهين ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته دنيا دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن جو اصل چهرو ڏسي وٺي ته هو ڪهڙي ريت پاڪستان جي عالمي امن وارين ڪوششن کي متاثر ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪنهن کي به شڪ نه هئڻ گهرجي ته پاڪستان دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن، مالي مدد ڪندڙن ۽ محفوظ پناهه گاهون فراهم ڪندڙن کي شڪست ڏيندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته امن، استحڪام ۽ قومي سلامتي خلاف هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين، ۽ دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن کي نه وسارينداسين ۽ نه ئي معاف ڪنداسين. صدر مملڪت چيو ته شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو، شهيدن جي رت جي هر ڦڙي جو حساب ورتو ويندو.

مزید خبریں