اسلام آباد - 24 مئي (اي پي پي) پاڪستان، مصر، سعودي عرب، قطر، اردن، لبنان، ترڪيه، انڊونيشيا، جبوتي، صوماليه، فلسطين، عمان، سوڊان ۽ يمن جي پرڏيهي وزيرن صومالي لينڊ جي خطي طرفان والاريل بيت المقدس ۾ هڪ مبينه سفارتخانو کولڻ جي غيرقانوني ۽ ناقابل قبول قدم جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت مان جاري بيان ۾ ڄاڻايل ملڪن پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي، ته هي قدم …
پاڪستان سميت 14 مسلم ملڪن صومالي لينڊ جي والاريل بيت المقدس ۾ پاڻمرادو سفارتخانو کولڻ جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) پاڪستان، مصر، سعودي عرب، قطر، اردن، لبنان، ترڪيه، انڊونيشيا، جبوتي، صوماليه، فلسطين، عمان، سوڊان ۽ يمن جي پرڏيهي وزيرن صومالي لينڊ جي خطي طرفان والاريل بيت المقدس ۾ هڪ مبينه سفارتخانو کولڻ جي غيرقانوني ۽ ناقابل قبول قدم جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت مان جاري بيان ۾ ڄاڻايل ملڪن پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي، ته هي قدم عالمي قانون ۽ لاڳاپيل عالمي ٺهرائن جي سراسر ڀڃڪڙي آهي ۽ والاريل بيت المقدس جي قانوني ۽ تاريخي حيثيت تي سڌي ريت حملو آهي، پرڏيهي وزيرن والاريل بيت المقدس ۾ غيرقانوني صورتحال کي مضبوط ڪرڻ يا عالمي قانون ۽ لاڳاپيل گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ابتڙ ڪنهن به اداري يا انتظام کي جواب فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيل هڪ طرفن قدمن کي مڪمل طور رد ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن ان ڳالهه کي به ورجايو ته اوڀر بيت المقدس 1967ع کان والاريل فلسطيني علائقو آهي ۽ ان جي قانوني ۽ تاريخي حيثيت کي تبديل ڪرڻ لاءِ کنيل سمورا قدم ڪالعدم، بي اثر ۽ قانوني حيثيت کان محروم آهن. پرڏيهي وزيرن وفاقي جمهوريه صوماليه جي وحدت، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو عزم ورجايو آهي ۽ اهڙن سمورن هڪ طرفن قدمن کي واضح انداز ۾ رد ڪيو آهي، جيڪي صوماليه جي سرزمين جي اتحاد کي نقصان پهچائين يا ان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي ڪن.











