پاڪستان مسلم ليگ (ن) صوبن ۾ ڪڏهن به فرق نه رکيو: بئريسٽر دانيال چوڌري

اسلام آباد-24 مئي(اي پي پي)سڌ سماءَ بابت وفاقي سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) صوبن ۾ ڪڏهن به فرق نه رکيو  آهي ۽ پارٽي جي قيادت عوامي خدمت ۽ قومي چئلينجز کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي بئرسٽر دانيال چوڌري چيو ته مسلم ليگ (ن) سڀني صوبن …

اسلام آباد-24 مئي(اي پي پي)سڌ سماءَ بابت وفاقي سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) صوبن ۾ ڪڏهن به فرق نه رکيو  آهي ۽ پارٽي جي قيادت عوامي خدمت ۽ قومي چئلينجز کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي بئرسٽر دانيال چوڌري چيو ته مسلم ليگ (ن) سڀني صوبن ۾ برابر ترقي تي يقين رکي ٿي ۽ سڄي ملڪ ۾ گورننس ۽ سروس ڊليوري تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ اسپتالن، بنيادي ڍانچي ۽ ٻين ترقياتي ۽ ڀلائي وارن منصوبن ذريعي حڪومت جي ڪارڪردگي ظاهر ٿئي ٿي. هن ان اعتماد جو پڻ اظهار ڪيو ته پاڪستان ماضي وانگر جلد آءِ ايم ايف پروگرام مان نڪري ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته سمورا پارلياماني نمائندا ۽ اڳواڻ پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ انتهائي محنت سان پنهنجا فرض سر انجام ڏئي رهيا آهن.

مزید خبریں