اسلام آباد-24 مئي(اي پي پي) نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جنيوا ۾ ورلڊ هيلٿ اسيمبلي جي موقعي تي سعودي عرب، سوڊان ۽ شام جي صحت وارن وزيرن سان اهم ملاقاتون ڪيون آهن، جن ۾ ڌرين صحت جي شعبي ۾ سهڪار مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقاتن ۾ صحت جي شعبي ۾ جاري …
پاڪستان، سعودي عرب، سوڊان ۽ شام وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد-24 مئي(اي پي پي) نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جنيوا ۾ ورلڊ هيلٿ اسيمبلي جي موقعي تي سعودي عرب، سوڊان ۽ شام جي صحت وارن وزيرن سان اهم ملاقاتون ڪيون آهن، جن ۾ ڌرين صحت جي شعبي ۾ سهڪار مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقاتن ۾ صحت جي شعبي ۾ جاري اڳڀرائي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون .شريڪ ملڪن صحت جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، گڏيل قدمن کي هٿي وٺائڻ ۽ صحت جي شعبي ۾ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ جامع سڌارا جاري آهن جن جو مقصد عوام کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سار سنڀال جي نظام کي جديد بڻائڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان ويڪسين جي شعبي ۾ پاڻ تي دارومدار ڪرڻ طرف وڌي رهيو آهي ۽ مقامي ويڪسين جي تياري لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي قومي ويڪسين پاليسي پڻ تيار ڪئي آهي. هن ان ڳالهه جو عزم ظاهر ڪيو ته پاڪستان عالمي شراڪت دارن سان گڏجي صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.











