اسلام آباد -24 مئي (اي پي پي) بنون ۾ پاڪ فوج، پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل آپريشن ۾ 2 اهم خوارجي سرگرما ڳواڻن سميت 16 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو آهي. آپريشن دوران 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا. پاڪ فوج، پوليس سميت ٻين سيڪيورٽي ادارن فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف آپريشنز پوري شدت سان جاري رکيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب بنون جي علائقي ميريان ۾ پاڪ فوج، …
بنون ۾ پاڪ فوج، پوليس ۽ سي ٽي ڊي جو گڏيل آپريشن، 2 اهم ترين سرگرم اڳواڻن سميت 16 خوارجي جهنم ڀيڙا

مزید خبریں
اسلام آباد -24 مئي (اي پي پي) بنون ۾ پاڪ فوج، پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل آپريشن ۾ 2 اهم خوارجي سرگرما ڳواڻن سميت 16 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو آهي. آپريشن دوران 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا. پاڪ فوج، پوليس سميت ٻين سيڪيورٽي ادارن فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف آپريشنز پوري شدت سان جاري رکيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب بنون جي علائقي ميريان ۾ پاڪ فوج، سي ٽي ڊي ۽ پوليس دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي گڏيل آپريشن ڪيو. گذريل ڏينهن ٿيل آپريشن دوران 2 اهم ترين خوارجي سرگرم اڳواڻن سميت 16 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي، ته علائقي ۾ خوف ۽ دهشت پکيڙيندڙ خوارجي اڳواڻ زمري نور ۽ افغان خوارجي سرگرم اڳواڻ عبدالله سعيد کي آپريشن دوران ماريو ويو. انتهائي ڏکئي آپريشن ۾ پاڪ فوج، پوليس ۽ سي ٽي ڊي خوارجين جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي تباهه ڪري ڇڏيو. آپريشن دوران پوليس جي 2 اهلڪارن فرضن جي ادائگي دوران شهادت ماڻي. شهيد ڪانسٽيبل وحيد الله خان ۽ نور الله خان جي جنازي نماز پوليس لائينز بنون ۾ سرڪاري اعزاز سان ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ اعليٰ سول ۽ عسڪري اختيارين، علائقي جي نمائندن ۽ عوام جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪارروائيون جاري رکيون آهن ۽ آخري خوارجي جي خاتمي تائين فتنه الخوارج خلاف ڪارروائين جو اهو سلسلو جاري رهندو.











