مڪو شريف – 24 مئي (اي پي پي) مڪه هيلٿ ڪلسٽر سان لاڳاپيل ڪنگ عبدالله ميڊيڪل سٽي هارٽ سينٽر صوماليا ۽ سينيگال سان تعلق رکندڙ ٻه حج پانڌيئڙن جي جان بچائي ورتي، دل جي بيماري جو شڪار پانڌيئڙن کي فوري طبي مدد فراهم ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو قدم حج سيزن دوران پانڌيئڙن کي فراهم ڪيل جديد ڪارڊيڪ سسٽم جو حصو آهي. مڪه هيلٿ ڪلسٽر بيان ۾ چيو ته …
سعودي عرب جي ميڊيڪل ٽيم ٻن حج پانڌيئڙن جي جان بچائي ورتي، سمارٽ واچز سان ريموٽ مانيٽرنگ
مڪو شريف – 24 مئي (اي پي پي) مڪه هيلٿ ڪلسٽر سان لاڳاپيل ڪنگ عبدالله ميڊيڪل سٽي هارٽ سينٽر صوماليا ۽ سينيگال سان تعلق رکندڙ ٻه حج پانڌيئڙن جي جان بچائي ورتي، دل جي بيماري جو شڪار پانڌيئڙن کي فوري طبي مدد فراهم ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو قدم حج سيزن دوران پانڌيئڙن کي فراهم ڪيل جديد ڪارڊيڪ سسٽم جو حصو آهي. مڪه هيلٿ ڪلسٽر بيان ۾ چيو ته صومالي حج پانڌيئڙي جو طبي معائنو ڪيو ويو ته ڪورونري آرٽري ۾ شديد ۽ ڪيترن ئي رڪاوٽن جو پتو پيو. فوري اوپن هارٽ سرجري ڪئي وئي جيڪا ڪامياب رهي. صوماليا جي شهري جي حالت هاڻي مستحڪم آهي. سينيگال جي هڪ عورت کي ڪارڊيڪ اريٿيميا جون شڪايتون هيون. ميڊيڪل ٽيم هڪ جديد ڊوئل چيمبر ڊيوائس جو استعمال ڪندي مستقل پيس ميڪر نصب ڪيو. هاڻي مريضه جي حالت مستحڪم آهي. ٻنهي حج پانڌيئڙن جي لانگ ٽرم ريڪوري ۽ سيفٽي يقيني بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا ويا آهن. ٻئي پاسي مڪي شريف ۾ سعودي ماڊل آف ڪيئر جي ارجنٽ ڪيئر ٽريڪ ۾ انڊونيشيا ۽ ميانمار جي ٻن حج پانڌيئڙن جي جان بچائي وئي. ٻڻهي کي دل جي دوري کانپوءِ فوري طبي امداد جي ضرورت هئي.












