خيبرپختونخوا جي گورنر پاران ڪوئٽا ۾ چمن ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان آپگهاتي ڌماڪي جي مذمت

پشاور-24 مئي(اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر  فيصل ڪريم ڪنڊي ڪوئٽا ۾ چمن ريلوي ڦاٽڪ ويجهو ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان موجب هن چيو ته بزدل دهشتگرد عنصر بيگناه شهرين کي نشانو بڻائي قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستاني هڪ متحد ۽ پرعزم قوم آهي …

پشاور-24 مئي(اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر  فيصل ڪريم ڪنڊي ڪوئٽا ۾ چمن ريلوي ڦاٽڪ ويجهو ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان موجب هن چيو ته بزدل دهشتگرد عنصر بيگناه شهرين کي نشانو بڻائي قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستاني هڪ متحد ۽ پرعزم قوم آهي ۽ دهشتگردي خلاف پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ  ادارن سان گڏ آهي. هن چيو ته امن دشمن طاقتون خوف پکيڙي ملڪ جي استحڪام کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿيون جڏهن ته قوم انهن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي. پوري قوم دهشتگردن خلاف متحد آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويلن جي بلند درجن ۽ زخمين جي جلد صحت يابي ۽ ڏکويل ڪٽنبن جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا پڻ گهري. هن وڌيڪ چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ پوري قوم متاثر ڪٽنبن سان گڏ آهي.

مزید خبریں