پاڪستان سميت سڄي سڄي دنيا ۾ مارخور جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مارخور جو عالمي ڏينهن 24 مئي تي ملهايو ويو. مارخور پاڪستان جو قومي جانور آهي جيڪو اڪثر گلگت بلتستان، چترال، ڪيلاش، هنزه ۽ بلوچستان جڏهن ته مارخور افغانستان، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ ڀارت ۾ پڻ هوندو آهي. قدرتي وسيلن جي تحفظ جي عالمي اداري (آءِ يو سي اين) موجب مارخور جو شمار اهڙن جانورن ۾ ٿئي ٿو جن …

اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مارخور جو عالمي ڏينهن 24 مئي تي ملهايو ويو. مارخور پاڪستان جو قومي جانور آهي جيڪو اڪثر گلگت بلتستان، چترال، ڪيلاش، هنزه ۽ بلوچستان جڏهن ته مارخور افغانستان، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ ڀارت ۾ پڻ هوندو آهي. قدرتي وسيلن جي تحفظ جي عالمي اداري (آءِ يو سي اين) موجب مارخور جو شمار اهڙن جانورن ۾ ٿئي ٿو جن جو نسل ختم ٿيڻ جو خطرو موجود آهي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد مارخور ۽ ان جي ناياب نسل کي ختم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ عالمي سطح تي شعور اجاگر ڪرڻ آهي. واضح رهي ته گڏيل قومن پاڪستان سميت ٻين 8 ملڪن جي ٺهراءُ  تي هر سال 24 مئي تي اهو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو. جنهن کان پوءِ اهو ڏينهن هر سال 24 مئي تي ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد مارخور جي تحفظ لاءِ عالمي ۽ علائقائي سطح تي سهڪار کي هٿي وٺائڻ آهي. مارخور جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سرڪاري ۽ غير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون ته جيئن مارخور جي نسل جي خاتمي کي درپيش خطرن جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪري سگهجي.

مزید خبریں