روٽ ٽو مڪه حج آپريشن مڪمل، 3 لک 88 هزار حج پانڌيئڙن فائدو کنيو

مڪو شريف – 24 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزارت هلندڙ سال  حج سيزن لاءِ مڪه روٽ انيشيٽيو جي ڪامياب پڃاڻي جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 10 ملڪن جي 17 ايئرپورٽس تي ڪم ڪندڙ ان لاجسٽڪ پروگرام هڪ هزار 227 مخصوص اڏامن ذريعي ٽي لک 88 هزار 694 حج پانڌيئڙن کي پري ڪليئرنس ۽ سعودي عرب آمد ۾ سهولت فراهم ڪئي. 2017ع ۾ شروع ڪيل …

مڪو شريف – 24 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزارت هلندڙ سال  حج سيزن لاءِ مڪه روٽ انيشيٽيو جي ڪامياب پڃاڻي جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 10 ملڪن جي 17 ايئرپورٽس تي ڪم ڪندڙ ان لاجسٽڪ پروگرام هڪ هزار 227 مخصوص اڏامن ذريعي ٽي لک 88 هزار 694 حج پانڌيئڙن کي پري ڪليئرنس ۽ سعودي عرب آمد ۾ سهولت فراهم ڪئي. 2017ع ۾ شروع ڪيل مڪه روٽ انيشيٽيو سمورن دستياب وسيلن جو استعمال ڪندو آهي ته جيئن حج پانڌيئڙن لاءِ حج جي سفر کي سندن ملڪن مان آسان بڻائي سگهجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روٽ ٽو مڪه انيشيٽيو سعودي ويزن 2030ع سان هم آهنگ پلگرم ايسپيريئنس پروگرام تحت گهرو وزارت جي ڪوششن جو اهم حصو آهي. هلندڙ سال ان پروگرام کي سينيگال ۽ برونائي دارالسلام تائين هٿي ڏني وئي آهي. مراڪش، انڊونيشيا، ملائيشيا، پاڪستان، بنگلاديش، ترڪيه، ڪوٽ ڊي آئيوائز ۽ مالديپ ان پروگرام ۾ اڳ ۾ ئي شامل آهن. جديد انفراسٽرڪچر جنهن ۾ 38 سروس اسٽيشنز، 60 موبائل يونٽس ۽ مصنوعي ذهانت سان ليس 120 موبائل ڪائونٽرز شامل آهن ذريعي خدمتون فراهم ڪيون ويون.

مزید خبریں