پاڪستان زجيانگ سان مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ کي وڏي اهميت ڏي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

هانگزو-23 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زجيانگ صوبي جي شاندار ترقي کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان زجيانگ سان خاص ڪري ڊجيٽل معيشت، اي ڪامرس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، زراعت، تجديد جوڳي توانائي، جديد صنعتڪاري ۽ مهارتن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ کي وڏي اهميت ڏي ٿو. هو هانگزو ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا زجيانگ جي صوبائي ڪميٽي جي پارٽي سيڪريٽري مسٽر وانگ …

هانگزو-23 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زجيانگ صوبي جي شاندار ترقي کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان زجيانگ سان خاص ڪري ڊجيٽل معيشت، اي ڪامرس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، زراعت، تجديد جوڳي توانائي، جديد صنعتڪاري ۽ مهارتن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ کي وڏي اهميت ڏي ٿو. هو هانگزو ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا زجيانگ جي صوبائي ڪميٽي جي پارٽي سيڪريٽري مسٽر وانگ هائو سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. وانگ هائو وزيراعظم محمد شهباز شريف کي زجيانگ صوبي ۾ ڀليڪار چيو. وزيراعظم زجيانگ صوبي جي شاندار ترقياتي منصوبن کي ساراهيو ۽ صدر شي جن پنگ جي دور انديش قيادت جي ساراهه ڪئي جيڪا هن پارٽي جي صوبائي ڪميٽي جي پارٽي سيڪريٽري جي حيثيت سان انجام ڏني. وزيراعظم صدر شي جن پنگ طرفان پيش ڪيل ”صاف پاڻي ۽ سرسبز جبل انمول اثاثا آهن“ جي تصور کي خاص ڪري ساراهيو. وزيراعظم چيو ته زجيانگ جي ترقي ان ڳالهه جو هڪ زنده مثال آهي ته ماحولياتي تحفظ، سبز ترقي ۽ اعليٰ معيار جي معاشي اوسر کي ڪهڙي طرح هڪٻئي جي مددگار انداز ۾ اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان زجيانگ صوبي سان خاص ڪري ڊجيٽل معيشت، اي ڪامرس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، زراعت، تجديد جوڳي توانائي، جديد صنعتڪاري ۽ مهارتن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ کي وڏي اهميت ڏي ٿو. صوبائي سطح تي تعاون پاڪستان – چين لاڳاپن جو هڪ اهم ٿنڀ آهي ۽ هي صنعتي تعاون، زرعي جديدڪاري، ٽيڪنالاجي جي ڀائيواري سميت روانگي واپار تي ٻڌل ترقي جي ذريعي سي پيڪ فيز 2 کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم تعاون تي ٻڌل ٻن اهم دستاويزن تي صحيحن جي تقريب ۾ به شرڪت ڪئي. پهرين دستاويز زجيانگ صوبي ۽ پنجاب صوبي وچ ۾ سسٽر- پروونس لاڳاپن جي قيام بابت مفاهمتي يادداشت هئي. ان مفاهمتي يادداشت جو مقصد واپار، سيڙپڪاري، زراعت، تعليم، ثقافت، سياحت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. وزيراعظم هانگزو نارمل يونيورسٽي ۽ بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني وچ ۾ چين – پاڪستان گڏيل ٽيڪنالاجي ريسرچ سينٽر جي قيام بابت دستاويز تي صحيح ڪئي. تقريب ۾ به شرڪت ڪئي. هي مرڪز تعليمي تعاون، عملي تحقيق، ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا ۽ پاڪستان ۽ چين جي ادارن وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن ۽ ٻئي ملڪ عوام دوست، ترقي تي ٻڌل ۽ عملي تعاون جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن.

مزید خبریں