اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏهن ته وچئين ۽ ڏاکڻين علائقن ۾ ڏينهن جي وقت شديد گرم رهڻ جو امڪان آهي، مٿانهين خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ان سان لاڳاپيل جابلو علائقن ۾ طوفان، جهڪ هلڻ ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏهن ته وچئين ۽ ڏاکڻين علائقن ۾ ڏينهن جي وقت شديد گرم رهڻ جو امڪان
اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏهن ته وچئين ۽ ڏاکڻين علائقن ۾ ڏينهن جي وقت شديد گرم رهڻ جو امڪان آهي، مٿانهين خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ان سان لاڳاپيل جابلو علائقن ۾ طوفان، جهڪ هلڻ ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏهن ته وچئين ۽ ڏاکڻين ضلعن ۾ شديد گرم رهي. جڏهن ته مٿانهين خيبرپختونخوا، مٿانهين پنجاب ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات ٿي. گذريل ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي پد دادو 49، جيڪب آباد 48، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو ۽ موهن جو دڙو ۾ 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.












