وزيراعظم شهباز شريف چئن ڏينهن جي دوري تي چين جي شهر هانگزو پهچي ويو

هانگزو-23 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چئن ڏينهن جي چين جي دوري تي پهرين مرحلي ۾ هانگزو پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب شيائو شين ايئرپورٽ هانگزو پهچڻ تي نائب گورنر زجيانگ شو وينگوانگ، چين جي پاڪستان ۾ سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ پاڪستان جي چين ۾ سفير خليل هاشمي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، …

هانگزو-23 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چئن ڏينهن جي چين جي دوري تي پهرين مرحلي ۾ هانگزو پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب شيائو شين ايئرپورٽ هانگزو پهچڻ تي نائب گورنر زجيانگ شو وينگوانگ، چين جي پاڪستان ۾ سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ پاڪستان جي چين ۾ سفير خليل هاشمي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، رٿابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ، آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ خاص مددگار طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم جي هانگزو ۾ زجيانگ صوبي جي پارٽي سيڪريٽري وانگ هائو سان ملاقات ٿيندي. هو سي پيڪ فيز 2 تحت پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ رٿيل بزنس فورم ۾ شرڪت ۽ معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن جي مٽاسٽا جي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو، ان کانسواءِ وزيراعظم ناليواري چيني ڪمپنين جي سي اي اوز سان به ملاقاتون ڪندو، وزيراعظم چيني ڪمپني علي بابا جي هيڊڪوارٽرز جو به دورو ڪندو ۽ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ به شرڪت ڪندو.

مزید خبریں