لاهور-23 مئي (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي چئن ڏينهن واري چين جي دوري جي پهرين مرحلي ۾ هانگزو روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، رٿابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال، سڌ سماءُ بابت عطاءُالله تارڙ، آءِ ٽي بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجا ۽ خاص مددگار طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم …
وزيراعظم محمد شهباز شريف چئن ڏينهن واري چين جي دوري جي پهرين مرحلي ۾ هانگزو روانو ٿي ويو
لاهور-23 مئي (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي چئن ڏينهن واري چين جي دوري جي پهرين مرحلي ۾ هانگزو روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، رٿابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال، سڌ سماءُ بابت عطاءُالله تارڙ، آءِ ٽي بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجا ۽ خاص مددگار طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم هانگزو ۾ زجيانگ صوبي جي پارٽي سيڪريٽري سان ملاقات ڪندو، سي پيڪ فيز 2 تحت پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ منعقد بزنس فورم ۾ شرڪت ڪندو ۽ معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن جي ڏي وٺ جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم جي مشهور چيني ڪمپنين جي سي اي اوز سان ملاقاتون به ٿينديون، وزيراعظم چيني ڪمپني علي بابا جي هيڊ ڪوارٽر جو دورو به ڪندو ۽ سهڪار جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحين جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم بيجنگ جي دوري لاءِ روانو ٿيندو، بيجنگ ۾ وزيراعظم جي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقاتون ٿينديون. وزيراعظم پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگره جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ شرڪت به ڪندو، وزيراعظم مشهور چيني ڪمپنين جي سربراهن سان به ملاقاتون ڪندو، وزيراعظم چائنا اڪيڊمي آف ايگريڪلچر سائنسز جو به دورو ڪندو.












