اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري بنون ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي خيبرپختونخوا پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. صدر مملڪت فتنه الخوارج جي 8 دهشتگردن کي مارڻ تي خيبرپختونخوا پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ بهادري کي ساراهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت دهشتگردن جو بهادري …
صدر مملڪت پاران بنون ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي خيبرپختونخوا پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري بنون ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي خيبرپختونخوا پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. صدر مملڪت فتنه الخوارج جي 8 دهشتگردن کي مارڻ تي خيبرپختونخوا پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ بهادري کي ساراهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ پوليس اهلڪار کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر زرداري چيو ته شهيدن جون قربانيون قوم لاءِ فخر جو سبب آهن، قوم پنهنجي بهادر پٽن جي خدمتن کي هميشه ياد رکندي.












