صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران  چين ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 23 مئي(اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چين ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ جي جاري ڪيل بيان موجب صدر مملڪت چين جي شانشي صوبي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ٿيل ڌماڪي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿيا آهن. صدر مملڪت چين جي صدر شي جن پنگ  …

اسلام آباد- 23 مئي(اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چين ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ جي جاري ڪيل بيان موجب صدر مملڪت چين جي شانشي صوبي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ٿيل ڌماڪي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿيا آهن. صدر مملڪت چين جي صدر شي جن پنگ  ۽ فوت تي ويلن جي ڪٽنبن ۽ چين جي عوام سان افسوسناڪ حادثي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام چيني ڀائرن سان گڏ آهي. هن حادثي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيني اختيارين پاران ڪيل ريسڪيو ۽ هنگامي قدمن جي واکاڻ ڪئي.

مزید خبریں