وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چين جو تازو دورو غير معمولي سفارتي، اقتصادي ۽ علائقائي اهميت وارو آهي، سينيئر تجزيو ڪندڙ رشيد صافي جي ”اي پي پي“ سان خاص ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)سينيئر تجزيو ڪندڙ ۽ پاڪ چين ۽ افغانستان معاملن جي ماهر رشيد صافي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چين جو تازو دورو غير معمولي اسٽريٽجڪ، سفارتي، اقتصادي ۽ علائقائي اهميت رکي ٿو. رشيد صافي ”اي پي پي“ سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته اهو دورو اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان ۽ چين پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين …

اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)سينيئر تجزيو ڪندڙ ۽ پاڪ چين ۽ افغانستان معاملن جي ماهر رشيد صافي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چين جو تازو دورو غير معمولي اسٽريٽجڪ، سفارتي، اقتصادي ۽ علائقائي اهميت رکي ٿو. رشيد صافي ”اي پي پي“ سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته اهو دورو اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان ۽ چين پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگره ملهائي رهيا آهن جڏهن ته دنيا نئين جيو پوليٽيڪل تبديلين، معاشي دٻاءُ، علائقائي تڪرارن ۽ سيڪيورٽي چيلنجز جي دور مان گذري رهي آهي. ان تناظر ۾ اهو دورو برادر ملڪن وچ ۾ مستقبل جي شراڪتداري کي نوان ڏيڻ جي اهم ڪوشش قرار ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم جو اهو دورو رڳو رسمي سفارتڪاري تائين محدود نه پر ان جو بنيادي مقصد معيشت، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي، ميڊيا، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صنعتي سهڪار، زراعت ۽ علائقائي رابطن ۾ نئين اڳڀرائي حاصل ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين ٻئي خطي ۾ جنگ بدران ڳالهين، سفارتڪاري ۽ علائقائي استحڪام جا حامي آهن ۽ ٻئي ملڪ ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته معاشي ترقي، رابطا ۽ اعتماد سازي ئي خطي جي عوام لاءِ بهتر مستقبل جي ضمانت بڻجي سگهن ٿا. هن چيو ته چين جي ترقي، نظن ۽ ضبط ۽ سيڪيورٽي جو نظام اڄ دنيا لاءِ هڪ مثال سمجهيو وڃي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي رڳو سفارتي لاڳاپن تائين محدود ناهي پر ٻئي ملڪ هر ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي ته پاڪ چين لاڳاپن کي دنيا آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ طور سڃاڻي ٿي. هن چيو ته 75 سالن جي سفارتي لاڳاپن جون تقريبون ان ڳالهه جو اظهار آهن ته ٻئي ملڪ مستقبل ۾ به گڏيل ترقي، علائقائي استحڪام، اقتصادي سهڪار ۽ هڪ بهتر مربوط ايشيا جي ويزن تي گڏجي اڳتي وڌندا رهندا.

مزید خبریں