آءِ ايس پي آر جي انتظام هيٺ خصوصي نيشنل سيڪيورٽي اينڊ اسٽريٽجڪ ليڊرشپ 2026ع ورڪشاپ منعقد

اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)آءِ ايس پي آر جي انتظام هيٺ خصوصي نيشنل سيڪيورٽي اينڊ اسٽريٽجڪ ليڊرشپ 2026ع ورڪشاپ منقد ڪيو ويو. ورڪشاپ ۾ سڄي ملڪ مان 200 کان وڌيڪ يونيورسٽين جي وائس چانسلرز، رجسٽرارز، ڊين ۽ سينيئر پروفيسرز شرڪت ڪئي. ليفٽنينٽ جنرل (ر) عامر رياض هلال امتياز (ملٽري) ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن سان خاص ويهڪ ڪئي. خاص ويهڪ ۾ هندو پرست ڀارتي سياست، ان جو فڪري ۽ نظرياتي …

اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)آءِ ايس پي آر جي انتظام هيٺ خصوصي نيشنل سيڪيورٽي اينڊ اسٽريٽجڪ ليڊرشپ 2026ع ورڪشاپ منقد ڪيو ويو. ورڪشاپ ۾ سڄي ملڪ مان 200 کان وڌيڪ يونيورسٽين جي وائس چانسلرز، رجسٽرارز، ڊين ۽ سينيئر پروفيسرز شرڪت ڪئي. ليفٽنينٽ جنرل (ر) عامر رياض هلال امتياز (ملٽري) ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن سان خاص ويهڪ ڪئي. خاص ويهڪ ۾ هندو پرست ڀارتي سياست، ان جو فڪري ۽ نظرياتي تجزيو ڪيو ويو. ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ليفٽنينٽ جنرل (ر) عامر رياض چيو ته ڀارت ۾ اقليتن سان ظلم ۽ انهن جو استحصال معمول بڻجندو پيو وڃي. هن چيو ته آر ايس ايس ۽ بي جي پي لاءِ بيانيو ٺاهڻ لاءِ عام عوام جو قتل ڪا وڏي ڳالهه ناهي، ڀارت دنيا کي سيڪيولر چهرو ڏيکاري ٿو جڏهن ته ملڪ اندر اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان ظلم ۽ بربريت جو سلوڪ رکيو وڃي ٿو. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خلاف زيادتين کي حڪومت ۽ عدليه جي مڪمل سرپرستي ۽ اجازت حاصل هوندي آهي. نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ڀارتي حڪومت جي ناپاڪ عزمن کي عالمي برادري لاءِ ناقابل قبول قرار ڏنو آهي.

مزید خبریں