هر ٻار کي معياري تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته شروعاتي تعليم ٻارن جي ذهني، اخلاقي ۽ سماجي تربيت جو بنياد هوندي آهي ۽ هي اهو مرحلو آهي جتان هڪ مضبوط، بااعتماد ۽ ڪامياب قوم جي تعمير شروع ٿئي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ ضروري آهي ته هر ٻار کي شروعاتي عمر ۾ معياري تعليم ۽ بهترين تربيت جا …

اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته شروعاتي تعليم ٻارن جي ذهني، اخلاقي ۽ سماجي تربيت جو بنياد هوندي آهي ۽ هي اهو مرحلو آهي جتان هڪ مضبوط، بااعتماد ۽ ڪامياب قوم جي تعمير شروع ٿئي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ ضروري آهي ته هر ٻار کي شروعاتي عمر ۾ معياري تعليم ۽ بهترين تربيت جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. جاري ڪيل بيان موجب هن اسلام آباد ۾ ويسٽ منسٽر انٽرنيشنل اسڪول جي ارلي ايئرز گريجوئيشن تقريب 2026ع کي خطاب ڪندي ڪيو. بئريسٽر دانيال چوڌري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪنهن به قوم جو اصل سرمايو ان جي تعليم يافته باشعور ۽ باڪردار نوجوان هوندا آهن، انهن جو بنياد شروعاتي جماعتن ۽ تعليمي ادارن ۾ رکيو ويندو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن ٻارن کي شروع کان ئي سٺي تعليم، مثبت ماحول ۽ بهتر رهنمائي فراهم ڪئي وڃي ته هو مستقبل ۾ به ملڪ ۽ قوم جو قيمتي اثاثو بڻجي سگهن ٿا. هن چيو ته ويسٽ منسٽر انٽرنيشنل اسڪول ۾ صرف نصابي تعليم تي توجهه نٿي ڏني وڃي پر ٻارن جي شخصيت سازي، تحقيقي صلاحيتن، جستجو ۽ قائداڻين خصوصيتن کي به هٿي ڏني وڃي ٿي ته جيئن هو عملي زندگي ۾ اعتماد سان اڳتي وڌي سگهن. هن چيو ته والدين ٻارن جي زندگي جي شروعاتي ۽ سڀ کان اهم استاد هوندا آهن جن جي تربيت ۽ رهنمائي ٻارن جي ڪاميابي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. هن استادن کي قوم جو معمار قرار ڏيندي چيو ته هڪ سٺو استاد نه رڳو ٻارن کي تعليم ڏي ٿو پر ان جي شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير به ڪري ٿو. هن ان عزم کي ورجايو ته هو عوامي نمائندي طور ملڪ ۾ شروعاتي تعليم کي هٿي وٺرائڻ، معياري تعليمي سهولتن جي فراهمي ۽ هر ٻار کي بهتر تعليم جي شروعات فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن چيو ته تعليم يافته ۽ باشعور شهري ئي پاڪستان جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي جا حقيقي ضمانت آهن.

مزید خبریں