وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ هارون اختر خان پاران چين جي شهر چانگزو ۾ صنعتي تعاون، ٽيڪنالاجي منتقلي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم ملاقاتون

هانگزو - 23 مئي (اي پي پي)قومي غذائي تحفط ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان چين جي شهر چانگزو ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ صنعتي تعاون، ٽيڪنالاجي منتقلي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم ملاقاتون ڪيون آهن. هنن صنعت ۽ ٽيڪنالاجي جي ادارن جو دورو ڪيو. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران جاري پڌرائي مطابق وفاقي …

هانگزو – 23 مئي (اي پي پي)قومي غذائي تحفط ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان چين جي شهر چانگزو ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ صنعتي تعاون، ٽيڪنالاجي منتقلي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم ملاقاتون ڪيون آهن. هنن صنعت ۽ ٽيڪنالاجي جي ادارن جو دورو ڪيو. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران جاري پڌرائي مطابق وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته اسٽار چارج گروپ سان پاڪستان ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ صنعتي ترقي حڪومت جي پهرين ترجيع آهي. خاص مددگار هارون اختر خان چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ صنعتي شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ چين جو دورو ڪيو آهي، پاڪستان ۾ جديد صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ اي وي انفراسٽرڪچر ۽ اسمارٽ انرجي منصوبن تي اهم اڳڀرائي غور هيٺ آئي، چين جي صنعتي ترقياتي ماڊل مان سکڻ ۽ سهڪار جا نوان امڪان ڳوليا پيا وڃن. هارون اختر خان چيو ته چانگفا گروپ سان سهڪار سان مقامي مينوفيڪچرنگ ۽ صنعتي ترقي کي هٿي ملندي. هن چيو ته سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ صنعتي سهڪار پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، پاڪستان جي صنعت جديدڪاري ۽ مينوفيڪچرنگ صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ عملي قدم جاري آهن. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ خاص مددگار هارون اختر خان چانگزو جي ميئر سان به ملاقات ڪئي.

مزید خبریں