اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سان واپارين جي مرڪزي تنظيم جي وفد ملاقات ۾ بجيٽ بابت تجويزون پيش ڪيون. بلال اظهر ڪياني آسان ٽيڪس اسڪيم آڻڻ جي واپارين جي مطالبي تي غور جي خاطري ڪرائي. ناڻي واري وزارت جي پڌرائي مطابق ملاقات دوران مرڪزي تنظيم تاجران پاڪستان جي صدر ڪاشف چوڌري جي قيادت ۾ وفد ريٽيل ۽ هول سيل لاءِ مناسب ريگوليٽري تجويزن …
ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سان واپارين جي مرڪزي تنظيم جي وفد جي ملاقات، بجيٽ بابت تجويزون پيش
اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سان واپارين جي مرڪزي تنظيم جي وفد ملاقات ۾ بجيٽ بابت تجويزون پيش ڪيون. بلال اظهر ڪياني آسان ٽيڪس اسڪيم آڻڻ جي واپارين جي مطالبي تي غور جي خاطري ڪرائي. ناڻي واري وزارت جي پڌرائي مطابق ملاقات دوران مرڪزي تنظيم تاجران پاڪستان جي صدر ڪاشف چوڌري جي قيادت ۾ وفد ريٽيل ۽ هول سيل لاءِ مناسب ريگوليٽري تجويزن جو جامع خاڪو پيش ڪيو. واضح رهي ته بجيٽ کان اڳ واپارين سان صلاح مشوري جي حڪومتي ڪوششن جو مقصد گڏيل سهڪار تي ٻڌل طريقيڪار ڪي يقيني بڻائڻ آهي. ملاقات ۾ وفد نظام اندر موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، انتظامي معاملن کي آسان بڻائڻ ۽ واپاري برادري طرفان رضاڪاراڻي طور ٽيڪس قانونن تي عمل يقيني بڻائڻ لاءِ مناسب ماحول پيدا ڪرڻ بابت سفارشون پيش ڪيون. وفد ايندڙ بجيٽ ۾ آسان ٽيڪس اسڪيم آڻڻ جو مطالبو ڪيو. واپارين پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران مشاورت جي عمل کي ساراهيو ۽ ان سلسلي ۾ خاص ڪوششن ۽ مسئلن جي حل لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ تي ناڻي واري مملڪتي وزير کي خراج تحسين پيش ڪيو. مملڪتي وزير واپارين جي مسئلن جي حل ۽ ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پختي عزم ۽ قدمن جو ورجاءُ ڪندي ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين ۽ روزگار جي فراهمي ۾ واپاري شعبي جي اهم ڪردار کي ساراهيو. هن خاطري ڪرائي ته آسان ٽيڪس اسڪيم آڻڻ جي حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف واپارين جي مطالبي تي غور ڪندو. مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني آجيان ڪندي واپارين جي پيش ڪيل سمورن تجويزن جو جائزو وٺي قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائي ته جيئن ريونيو حاصل ڪرڻ ۽ واپاري ترقي وچ ۾ توازن قائم رکندي اسٽريٽجڪ سهڪار کي هٿي ملي سگهي.












