اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) سارڪ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اڳوڻي صدر افتخار علي ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو هاڻوڪو چين جو دورو نه رڳو پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندو پر خطي ۾ امن، استحڪام ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم اڳڀرائي جو سبب بڻجندو. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ …
وزيراعظم جو هاڻوڪو چين جو دورو، ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تي پهچائڻ، خطي ۾ امن، استحڪام ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ مثبت اڳڀرائي جو سبب بڻجندو: افتخار علي ملڪ
اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) سارڪ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اڳوڻي صدر افتخار علي ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو هاڻوڪو چين جو دورو نه رڳو پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندو پر خطي ۾ امن، استحڪام ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم اڳڀرائي جو سبب بڻجندو. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ لاڳاپا وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن هر مشڪل گهڙي ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو، هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چين جو هاڻوڪو دورو انتهائي اهم سفارتي ۽ اقتصادي اڳڀرائي آهي جنهن سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، انفرا اسٽرڪچر، زراعت ۽ صنعتي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) خطي جي تقدير بدلائڻ وارو منصوبو آهي جنهن جي ٻي مرحلي ۾ صنعتي ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، گرين انرجي، ڊجيٽل معيشت ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي چيني سيڙپڪاري ۽ صنعتي تعاون سان روانگي واپار وڌائڻ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ڪاروباري ۽ صنعتي برادري وزيراعظم جي چين جي دوري کي انتهائي مثبت اڳڀرائي قرار ڏئي رهي آهي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته هن دوري جي نتيجي ۾ مختلف شعبن ۾ نوان معاهدا، گڏيل منصوبا ۽ سيڙپڪاري جا موقعا سامهون ايندا، هن اميد جو اظهار ڪيو ته چين پاڪستان دوستي مستقبل ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندي ۽ ٻئي ملڪ خطي ۾ امن،استحڪام ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪندا رهندا.












