اسلام آباد- 23 مئي(اي پي پي) پارليماني معاملن جي وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ جمهوريه يمن جي حڪومت ۽ عوام کي 36 هين قومي ڏينهن تي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان يمن سان پنهنجن پراڻن ڀائيچاري وارن لاڳاپن کي قدر جي نگاه سان ڏسي ٿو. طارق فضل چوڌري چيو ته ٻئي ملڪ دوستي، گڏيل احترام ۽ سهڪار …
پارليماني معاملن جي وفاقي وزير طارق فضل چوڌري پاران جمهوريه يمن جي حڪومت ۽ عوام کي 36 هين قومي ڏينهن تي مبارڪون پيش
اسلام آباد- 23 مئي(اي پي پي) پارليماني معاملن جي وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ جمهوريه يمن جي حڪومت ۽ عوام کي 36 هين قومي ڏينهن تي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان يمن سان پنهنجن پراڻن ڀائيچاري وارن لاڳاپن کي قدر جي نگاه سان ڏسي ٿو. طارق فضل چوڌري چيو ته ٻئي ملڪ دوستي، گڏيل احترام ۽ سهڪار جي رشتن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته اسان يمن جي عوام جي خوشحال مستقبل لاءِ دعاگو آهيون.












