اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ٽيڪس وصولي جي نظام ۾ وسيع سڌارن جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته حڪومت مڪمل طور ڊجيٽلائيزڊ ۽ شفاف فريم ورڪ ذريعي بدعنواني جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته جديد ڊجيٽلائيزڊ نظام متعارف ڪرائڻ ذريعي ٽيڪس وصولن کي بهتر بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته …
حڪومت سڀني ادارن ۾ شفاف ڊجيٽل ٽيڪس سسٽم يقيني بڻائيندي: راڻا ثناءُ الله
اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ٽيڪس وصولي جي نظام ۾ وسيع سڌارن جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته حڪومت مڪمل طور ڊجيٽلائيزڊ ۽ شفاف فريم ورڪ ذريعي بدعنواني جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته جديد ڊجيٽلائيزڊ نظام متعارف ڪرائڻ ذريعي ٽيڪس وصولن کي بهتر بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت موجوده ڍانچي کي جديد بڻائڻ ۽ وصولي جي عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڳ ئي سمارٽ سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ذاتي طور تي سڌاراجاتي ايجنڊا جي نگراني ڪري رهيو آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته سمورا ادارا انساني مداخلت کي گهٽ ڪرڻ ۽ بدعنواني جي موقعن کي ختم ڪرڻ جي قابل هڪ منصفاڻي ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل طريقيڪار کي اختيار ڪن. هن چيو ته حڪومت جي ترجيح ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪري قومي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ انتظامي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ سميت جديد ڊجيٽل سلوشنز لاڳو ڪرڻ آهي. هن چيو ته ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولت فراهم ڪندي پوري نظام ۾ سخت جوابده کي يقيني بڻائينداسين.












