جنيوا ۾ صحت جي وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان پوليو ۽ رسائيٽ بورڊ جي چيئر مين ڊاڪٽر ڪرس ايلس جي ملاقات، صحت جي شعبي ۾ جاري سهڪار تي ڳالهيون

اسلام آباد- 23 مئي(اي پي پي) جنيوا ۾ صحت جي وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان پوليو ۽ رسائيٽ بورڊ جي چيئر مين ڊاڪٽر ڪرس ايلس  ملاقات ڪئي. صحت  واري وزارت جي ترجمان موجب ان موقعي تي پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي ۽  صحت جي شعبي ۾ جاري سهڪار تي ڳالهيون ڪيون.ويون ڪرس ايلس پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي ۽ صحت جي وزير مصطفيٰ ڪمال جي اڳواڻي ۾ …

اسلام آباد- 23 مئي(اي پي پي) جنيوا ۾ صحت جي وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان پوليو ۽ رسائيٽ بورڊ جي چيئر مين ڊاڪٽر ڪرس ايلس  ملاقات ڪئي. صحت  واري وزارت جي ترجمان موجب ان موقعي تي پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي ۽  صحت جي شعبي ۾ جاري سهڪار تي ڳالهيون ڪيون.ويون ڪرس ايلس پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي ۽ صحت جي وزير مصطفيٰ ڪمال جي اڳواڻي ۾ مربوط حڪمت عملي جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته گيٽس فائونڊيشن پاڪستان ۾ ويڪسينز جي دستيابي ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ سهڪار جاري رکندي. ملاقات دوران مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. پوليو جو خاتمو اسان جو مشن آهي.هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۽ ويزن تحت صحت جي شعبي ۾ سڌارا جاري آهن. پوليو جي خاتمي لاءِ گيٽس فائونڊيشن جي سهڪار کي قدر جي نگاه سان ڏسون ٿا. ڪرس ايلس چيو ته هو هلندڙ سال جولاءِ ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو.

مزید خبریں