ملڪ جي 79 مخصوص ضلعن ۾ پوليو جي روڪٿام واري مهم جو ڇهون ڏينهن، سڄي ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 82 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليوکان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا

اسلام آباد-23 مئي(اي پي پي) ملڪ جي 79 مخصوص ضلعن  ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ واري خاص مهم ڇهين ڏينهن به جاري رهي. ڇنڇر تي نيشنل اي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب پنجن ڏينهن جي مهم دوران سڄي ملڪ  ۾ هڪ ڪروڙ 82 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا آهن، هڪ لک 63 هزار پوليو ورڪر گهر گهر وڃي …

اسلام آباد-23 مئي(اي پي پي) ملڪ جي 79 مخصوص ضلعن  ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ واري خاص مهم ڇهين ڏينهن به جاري رهي. ڇنڇر تي نيشنل اي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب پنجن ڏينهن جي مهم دوران سڄي ملڪ  ۾ هڪ ڪروڙ 82 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا آهن، هڪ لک 63 هزار پوليو ورڪر گهر گهر وڃي ٻارن کي معذوري کان بچائڻ  واري مشن ۾ مصروف آهن. پنجاب ۾ اٽڪل 59 لک 21 هزار، سنڌ ۾ 57 لک 17 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي، خيبرپختونخواه ۾ اٽڪل 43 لک 6 هزار ۽ بلوچستان ۾ 19 لک 14 هزار کان ويڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا آهن. اهڙي ريت اسلام آباد ۾ اٽڪل 4 لک 35 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦرا پياريا ويا آهن. عوام کي هدايت ڪئي وئي آهي ته پوليو ڪارڪنن لاءِ پنهنجا دروازا کولن ۽ پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارن.

مزید خبریں