اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)اين ڊي ايم ايس ۽ پورٽ قاسم وچ ۾ ڊريجنگ جي معاهدي سان پورٽ جي توسيع ۽ پاڻ ڀرو ٿيڻ جو سنگ ميل پار ڪيو ويو آهي. نيشنل ڊريجنگ اينڊ ميرين سروسز (اين ڊي ايم ايس) ۽ پورٽ قاسم وچ ۾ ڊريجنگ جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي. اين ڊي ايم ايس ذريعي پورٽ قاسم جي ڊريجنگ سان پرڏيهي ڪمپنين تي انحصار گهٽ ۽ مٽا …
اين ڊي ايم ايس ۽ پورٽ قاسم وچ ۾ ڊريجنگ معاهدو، پورٽ جي توسيع ۽ پاڻ ڀرو ٿيڻ جو سنگ ميل پار

مزید خبریں
اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي)اين ڊي ايم ايس ۽ پورٽ قاسم وچ ۾ ڊريجنگ جي معاهدي سان پورٽ جي توسيع ۽ پاڻ ڀرو ٿيڻ جو سنگ ميل پار ڪيو ويو آهي. نيشنل ڊريجنگ اينڊ ميرين سروسز (اين ڊي ايم ايس) ۽ پورٽ قاسم وچ ۾ ڊريجنگ جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي. اين ڊي ايم ايس ذريعي پورٽ قاسم جي ڊريجنگ سان پرڏيهي ڪمپنين تي انحصار گهٽ ۽ مٽا سٽا واري ناڻي جي بچت ٿيندي. سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري اين ايل سي هيڊ ڪوارٽرز ۾ منعقد تقريب جو خاص مهمان هو. تقريب ۾ پورٽ قاسم، ڪراچي پورٽ، گوادر پورٽ جي اعليٰ اختيارين ۽ اين ڊي ايم ايس بورڊ ميمبرن شرڪت ڪئي. ڊريجنگ منصوبو پورٽ قاسم جي توسيع ۽ سامونڊي گذرگاهن جي بهتري لاءِ اهم قرار ڏنو پيو وڃي. ان موقعي تي وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو ته قومي ڊريجنگ ڪمپني جو قيام پاڪستان لاءِ فخر جوڳو آهي. ڊريجنگ منصوبو پاڪستان ۾ علائقائي ۽ عالمي واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ڊريجنگ جي شعبي ۾ ڀاڻ ڀرو ٿيڻ، پاڪستان ي بليو اڪانومي کي هٿي ڏيڻ ڏانهن اهم قدم آهي.











