گڏيل قومون- 23 مئي(اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۾ روس- يوڪرين جنگ جي فوري خاتمي ، جنگ بندي ۽ ڳالهين جي بحالي تي زور ڏيندي چيو آهي ته تڪرار دوران شهرين کي ڪٿي به نشانو نه بڻائڻ گهرجي. پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪندي چيو ته تازن ڏينهن ۾ ويڙه ۾ اضافي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل انساني بحران …
روس يوڪرين جنگ فوري طور تي بند ڪئي وڃي: گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مطالبو
گڏيل قومون- 23 مئي(اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۾ روس- يوڪرين جنگ جي فوري خاتمي ، جنگ بندي ۽ ڳالهين جي بحالي تي زور ڏيندي چيو آهي ته تڪرار دوران شهرين کي ڪٿي به نشانو نه بڻائڻ گهرجي. پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪندي چيو ته تازن ڏينهن ۾ ويڙه ۾ اضافي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل انساني بحران تي پاڪستان کي شديد ڳڻتي آهي. اهو اجلاس روس جي قبضي هيٺ لوهانسڪ علائقي ۾ هڪ ڪاليج هاسٽل تي حملي کان پوءِ طلب ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڪيترائي شهري جن ۾ ٻار به شامل هئا مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا هئا. هن وڌيڪ چيو ته حملو عالمي انساني قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي ۽ شهرين جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان شروع کان ئي جنگ جي پر امن حل لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهين جي حمايت ڪندو آيو آهي جڏهن ته پائيدار امن لاءِ گڏيل قومن جي منشور ۽ سمورين ڌرين جي جائز سيڪيورٽي مفادن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي.












