رياض-23 مئي (اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان شام ۽ پرتگال جي هم منصبن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شهزاده فيصل بن فرحان ۽ شام جي پرڏيهي وزير اسعد حسن الشيباني ٻه طرفا لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير ۽ پرتگال جي هم منصب پاولورينگل رابطي دوران خطي جي تازي …
سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان شام ۽ پرتگال جي هم منصب جو رابطو، ٻه طرفا لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ
رياض-23 مئي (اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان شام ۽ پرتگال جي هم منصبن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شهزاده فيصل بن فرحان ۽ شام جي پرڏيهي وزير اسعد حسن الشيباني ٻه طرفا لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير ۽ پرتگال جي هم منصب پاولورينگل رابطي دوران خطي جي تازي صورتحال، سلامتي ۽ استحڪام برقرار رکڻ جي حوالي سان ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.












