ڪروزشپ تي هانٽا وائرس ڪيسز ۾ اضافو، 3 فوتگيون: صحت جو عالمي ادارو

جنيوا-23 مئي (اي پي پي)صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته هنٽا وائرس جي ڦهلاءُ بابت ڪيسز ۾ اضافو رپورٽ ٿيو آهي، جڏهن ته فوتين جو انگ 3 تائين پهچي وئي آهي. ڊبليو ايچ او مطابق اهي ڪيسز هڪ ڪروزشپ تي سامهون آيا آهن، جتي هن وقت تائين مجموعي طور تي 12 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي. اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس اذانوم گريبيسس جنيوا ۾ بريفنگ …

جنيوا-23 مئي (اي پي پي)صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته هنٽا وائرس جي ڦهلاءُ بابت ڪيسز ۾ اضافو رپورٽ ٿيو آهي، جڏهن ته فوتين جو انگ 3 تائين پهچي وئي آهي. ڊبليو ايچ او مطابق اهي ڪيسز هڪ ڪروزشپ تي سامهون آيا آهن، جتي هن وقت تائين مجموعي طور تي 12 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي. اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس اذانوم گريبيسس جنيوا ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيدرلينڊز هڪ ٻئي جي تصديق ڪئي آهي، جنهن ۾ عملي جو هڪ رڪن اسپين جي علائقي ٽيزيف مان لٿو هو ۽ بعد ۾ کيس واپس نيدرلينڊز منتقل ڪري قرنطينه ۾ رکيو ويو. ڊبليو ايچ او مطابق هن وقت به 600 کان وڌيڪ رابطي ۾ ايندڙ ماڻهن جي نگراني 30 مختلف ملڪن ۾ جاري آهي، جڏهن ته ڪجهه هاءِ رسڪ ماڻهن کي ڳوليو پيو وڃي. ڊائريڪٽر جنرل چيو ته 2 مئي تي شروعاتي رپورٽ کانپوءِ هن وقت تائين وڌيڪ فوتگيون سامهون ناهن آيون، پر نگراني ۽ احتياطي قدم جاري رکڻ ضروري آهي. اداري لاڳاپيل ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي سمورن مسافرن ۽ عملي جي نگراني جاري رکن ته جيئن وائرس جي وڌيڪ ڦهلاءُ کي روڪي سگهجي.

مزید خبریں