ليبيا ۾ عدالتي خودمختياري جو احترام ضروري آهي، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو موقف

گڏيل قومون-23 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان چيو آهي ته ليبيا ۾ پائيدار امن رڳو هڪ ليبيا جي قيادت واري سياسي عمل ذريعي ئي ممڪن آهي ۽ عالمي عدالتي نظام کي انصاف ۽ اڻ ڌري اصولن تي قائم رهڻ گهرجي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان روم جي عالمي معاهدي جو …

گڏيل قومون-23 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان چيو آهي ته ليبيا ۾ پائيدار امن رڳو هڪ ليبيا جي قيادت واري سياسي عمل ذريعي ئي ممڪن آهي ۽ عالمي عدالتي نظام کي انصاف ۽ اڻ ڌري اصولن تي قائم رهڻ گهرجي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان روم جي عالمي معاهدي جو ڌر ناهي، پر هو سنگين ڏوهن لاءِ شفاف ۽ اڻ ڌري احتساب جي مقصد جي حمايت ڪري ٿو. هن زور ڀريو ته عالمي احتسابي ادارن جي ساک رڳو ان ئي وقت برقرار رهي سگهي ٿي جڏهن عالمي قانون برابر طور لاڳو ۽ انصاف جي اصولن جي مڪمل پاسداري ڪئي وڃي.

مزید خبریں