بيجنگ- 23 مئي( اي پي پي) جيو ڇوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر ۾ چين جي شين زو- 23 انسان بردار خلائي جهاز مشن بابت پريس ڪانفرنس دوران ترجمان بريفنگ ڏيندي چيو ته غور فڪر کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته شينزو- 23 انسان بردار خلائي جهاز کي بيجنگ جي وقت مطابق 24 مئي جي رات 11: 8 منٽن تي خلا ۾ روانو ڪيو ويندو. ميڊيا رپورٽن موجب هلندڙ سال چين …
چين جو شين-زو 23 انسان بردار خلائي مشن اڄ روانو ٿيندو، پاڪستاني خلا باز چين جي خلانورد تحقيقي ۽ تربيتي مرڪز ۾ داخل
بيجنگ- 23 مئي( اي پي پي) جيو ڇوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر ۾ چين جي شين زو- 23 انسان بردار خلائي جهاز مشن بابت پريس ڪانفرنس دوران ترجمان بريفنگ ڏيندي چيو ته غور فڪر کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته شينزو- 23 انسان بردار خلائي جهاز کي بيجنگ جي وقت مطابق 24 مئي جي رات 11: 8 منٽن تي خلا ۾ روانو ڪيو ويندو. ميڊيا رپورٽن موجب هلندڙ سال چين جي خلائي ڏينهن جي موقعي تي ٻه پاڪستاني خلا باز چين جي خلانورد تحقيقي مرڪز ۾ داخل ٿي چڪا آهن جٿي اهي خلا بازن سان گڏيل مشن ٽريننگ ۾ حصو وٺي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته منصوبي موجب هڪ پاڪستاني خلا باز ” پي لوڊ اسپيشلسٽ“ طور مختصر مدي لاءِ خلائي مشن ۾ حصو وٺندو.هن وقت هو طئه ٿيل تربيتي پروگرام تحت بنيادي سکيا ۽ خلائي پيشورائڻي ٽيڪنيڪل سکيا حاصل ڪري رهيو آهي.












