وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ، پاڪستان جو خطي ۾ امن لاءِ متحرڪ سفارتي رابطن جو سلسلو جاري آهي: پرڏيهي آفيس جي بريفنگ

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي)پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته وچ اوڀر ۽ نار خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ جي روشني ۾ امن، ڳالهين ۽ پائيدار حل لاءِ پاڪستان جون سفارتي ڪوششون هلندڙ هفتي به جاري رهيون. هفتيوار بريفنگ ۾ هن ٻڌايو ته گذريل هڪ هفتي دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ٻه ڀيرا ٽيليفون تي رابطو …

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي)پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته وچ اوڀر ۽ نار خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ جي روشني ۾ امن، ڳالهين ۽ پائيدار حل لاءِ پاڪستان جون سفارتي ڪوششون هلندڙ هفتي به جاري رهيون. هفتيوار بريفنگ ۾ هن ٻڌايو ته گذريل هڪ هفتي دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ٻه ڀيرا ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ترجمان چيو ته ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون، خطي ۽ عالمي صورتحال خاص ڪري وچ اوڀر جي تازي اڳڀرائي ۽ پاڪستان طرفان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي طرفن کان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهيون ۽ سفارتڪاري ئي واحد موثر رستو آهن. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار به امن کي هٿي وٺرائڻ ۽ سفارتي ذريعن ذريعي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي هم منصبن سان مسلسل رابطي ۾ رهيو. نائب وزيراعظم قطر جي پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير محمد بن عبدالعزي الخليفي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ خطي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جا معاملا بحث هيٺ آيا. هن مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان به ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ جاري گهڻ رخي سفارتي سرگرمين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سعيدوف سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ترجمان چيو ته گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي به هلندڙ هفتي ايران جا ٻه اهم دورا ڪيا، هن 16 مئي ۽ بعد ۾ 20 مئي تي ايران جو دورو ڪيو جتي ايراني قيادت سان اهم ملاقاتون ٿيون. ترجمان سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن تي هاڻوڪن ڊرون حملن جي مذمت ڪئي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي اصولن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، اهڙن ٺڪاڻن کي ڪنهن به صورت ۾ نشانو نه بڻائڻ گهرجي.

مزید خبریں