ماحول دوست شپ بريڪنگ کي هٿي ڏيڻ لاءِ نئون قانون منظور: جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي)سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته جهازن جي ري سائيڪلنگ جي شعبي ۾ خطرناڪ مواد جي استعمال کي منظم ڪرڻ، ماحول دوست شپ بريڪنگ کي هٿي ڏيڻ ۽ هانگ ڪانگ ڪنوينشن تي عملدرآمد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نئين قانونسازي جي منظوري ڏني وئي آهي. سينيٽ مان جهازن ۾ خطرناڪ مواد جي فهرست جي ماحول دوست انتظام جو بل 2026ع …

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي)سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته جهازن جي ري سائيڪلنگ جي شعبي ۾ خطرناڪ مواد جي استعمال کي منظم ڪرڻ، ماحول دوست شپ بريڪنگ کي هٿي ڏيڻ ۽ هانگ ڪانگ ڪنوينشن تي عملدرآمد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نئين قانونسازي جي منظوري ڏني وئي آهي. سينيٽ مان جهازن ۾ خطرناڪ مواد جي فهرست جي ماحول دوست انتظام جو بل 2026ع جي منظوري کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته هي قانون هانگ ڪانگ انٽرنيشنل ڪنوينشن جي ماحول دوست جهاز ري سائيڪلنگ 2009ع جي لاڳو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو ۽ شپ ري سائيڪلنگ سان جڙيل ماحولياتي، پيشيوراڻي صحت ۽ حفاظتي خطرن کي گهٽ ڪندو. هن ٻڌايو ته هي بل سندس طرفان پيش ڪيل هو جنهن کي قومي اسيمبلي منظور ڪيو ۽ هاڻي سينيٽ مان به منظوري کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ان تي عملدرآمد جي راهه هموار ٿي وئي. جنيد انوار چوڌري موجب هن قانون جو مقصد جهازن جي ري سائيڪلنگ سان پيد ٿيل خطرناڪ گدلاڻ کي ماحول دوست ۽ پائيدار طريقي سان ٺڪاڻي لڳائڻو آهي. قانون تحت ڪنوينشن ۾ شامل خطرناڪ مواد تي پابندي هوندي، جهازن جي انسپيڪشن ۽ سرٽيفڪيشن لازمي قرار ڏني ويندي جڏهن ته ڀڃڪڙي تي سخت سزائون ڏنيون وينديون.  هن چيو ته پاڪستان جي سامونڊي حدن ۾ ري سائيڪلنگ لاءِ آيل هر جهاز جو لازمي معائنو ڪيو ويندو ۽ ان جي خطرناڪ مواد جي فهرست جي تصديق ڪئي ويندي، ڀڃڪڙي جي صورت ۾ جهاز کي ضبط ڪرڻ، تحويل ۾ وٺڻ، پاڪستاني پاڻين مان ڪڍڻ ۽ ٻيون سزائون ڏئي سگهبيون. وفاقي وزير چيو ته سامونڊي وزارت ان ڪنوينشن تي عملدرآمد ۽ رپورٽنگ لاءِ قومي رابطه ڪار طور تي ڪم ڪندي ۽ عالمي ميري ٽائيم آرگنائيزيشن سان هم آهنگي يقيني بڻائيندي. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي انهن ٽن وڏن ملڪن ۾ شامل آهي جتي جهازن جي ري سائيڪلنگ جو وڏو حصو سنڀالين ٿا، ان لاءِ ان شعبي ۾ محفوظ ۽ شفاف طريقيڪار اختيار ڪرڻ انتهائي اهم آهي. جنيد انوار چوڌري وڌيڪ چيو ته گڊاڻي ۾ 1980ع جي ڏهاڪي کان قائم شپ ري سائيلڪنگ انڊسٽري ملڪي معيشت ۽ روزگار لاءِ اهم حيثيت رکي ٿي، ان لاءِ ان کي عالمي ماحولياتي، ليبر ۽ حفاظتي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان هانگ ڪانگ ڪنوينشن جي توثيق ڪندر 23 هون ملڪ بڻجي ويو آهي، جيڪو گرين شپ ري سائيڪلنگ ۽ گڊاڻي جي عالمي سطح تي ساک کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. وفاقي وزير موجب ڪنوينشن تي عملدرآمد لاءِ وفاق ۽ صوبائي سطح تي ٻه قانوني فريم ورڪ تيار ڪيا ويا آهن جڏهن ته بلوچستان اسيمبلي پهرين ئي نومبر 2025ع ۾ بلوچستان سيف اينڊ انوائرمنٽلي سانڊ ري سائيڪلنگ آف شپ ايڪٽ منظور ڪري چڪي آهي. هن چيو ته هي قانونسازي پاڪستان جي ماحولياتي تحفظ، خطرناڪ گدلاڻ جي ڪنٽرول ۽ پائيدار صنعتي ترقي جي عزم جي عڪاس آهي ۽ ان سان سرڪلر اڪانومي کي هٿي وٺرائڻ ۽ گڏيل قومن جي 2030ع جي پائيدار ترقي جي ايجنڊا جي تڪميل ۾ به مدد ملندي. جنيد انوار چوڌري وڌيڪ چيو ته هي قانون پاڪستان جي عالمي ساک کي بهتر بڻائڻ، شپ ري سائيڪلنگ سان واڳيل روزگار جي تحفظ، شعبي جي چٽاڀيٽي ۾ واڌ ۽ ماحولياتي ۽ حفاظتي معيار کي شفاف نموني لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائيندو.

مزید خبریں