وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ کان 26 مئي تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس جو ترجمان

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ 23 مئي کان 26 مئي تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آَفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم جو چين جو دورو خصوصي اهميت رکندڙ آهي ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف دوري دوران چيني قيادت سميت …

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ 23 مئي کان 26 مئي تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آَفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم جو چين جو دورو خصوصي اهميت رکندڙ آهي ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف دوري دوران چيني قيادت سميت صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سان ملاقاتون ڪندو. اميد آهي ته ان دوري سان سياسي اعتماد، اسٽريٽجڪ ڪوآرڊينيشن، سياسي تعاون کي سگهه ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻي دوستي کي وڌيڪ مضبوط ۽ پائيدار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم عوامي جمهوريه چين جي حڪومت جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هي دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻي ۽ آزمايل حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، هڪجهڙي موسمي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي تجديد ۽ گڏيل مستقبل رکندڙ پاڪستان – چين لاڳاپن جي ويزن کي اڳتي وڌائڻ جو اهم موقعو ثابت ٿيندو، جڏهن ته مختلف شعبن ۾ تعاون جا نوان امڪان به غور هيٺ ايندا. هي دورو ان لحاظ کان به غير معمولي اهميت وارو آهي ته پاڪستان ۽ چين پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري جي شروعات چين جي شهر هانگزو کان ڪندو، جتي هو آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، توانائي ذخيرو ڪرڻ ۽ زراعت بابت پاڪستان – چين بزنس تو بزنس سيڙپڪاري ڪانفرنس جي صدارت ڪندو. ڪانفرنس ۾ ٻنهي ملڪن جا سيڙپڪار، ڪاروباري شخصيتون ۽ صنعتي نمائندا شرڪت ڪندا. هن چيو ته ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن ۽ سياسي، اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ شعبن ۾ تعاون جو جائزو وٺنديون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته وزيراعظم بيجنگ ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي ياد ۾ چائنز پيپلز ايسوسيئيشن طرفان منعقد آجياڻي ۾ به شرڪت ڪندو.

مزید خبریں