ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جون ترڪ قيادت سان اهم ملاقاتون، جديد دفاعي ٽيڪنالاجيز ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو پنهنجي ترڪيه جي سرڪاري دوري دوران ترڪ بچاءَ واري وزير، ترڪ فضائيه جي ڪمانڊر ۽ بائيڪار ٽيڪنالاجيز جي چيف ٽيڪنالاجي آفيسر سان اهم ملاقاتون ڪيون، جن ۾ دفاعي تعاون، ايرو اسپيس جدت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ايئر چيف مارشل ظهير …

اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو پنهنجي ترڪيه جي سرڪاري دوري دوران ترڪ بچاءَ واري وزير، ترڪ فضائيه جي ڪمانڊر ۽ بائيڪار ٽيڪنالاجيز جي چيف ٽيڪنالاجي آفيسر سان اهم ملاقاتون ڪيون، جن ۾ دفاعي تعاون، ايرو اسپيس جدت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ترڪ فضائيه جي ڪمانڊر جنرل ضيا جمال ڪادي اوغلو، ترڪيه جي بچاءُ واري وزير ياسر گولر ۽ بائيڪا ٽيڪنالاجي جي چيف ٽيڪالاجيز آفيسر سجلوق بيرقدار سان ملاقاتون ڪيون. آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي ملڪن دفاع، ايرو اسپيس، جدت ۽ نئين ٽيڪنالاجيز جي ميدان ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. ترڪ فضائيه جي هيڊڪوارٽر پهچڻ تي پاڪ فضائيه جي سربراهه کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ملاقات دوران گڏيل مشقن، تربيتي پروگرامن ۽ پيشيوراڻي مٽاسٽا جي ذريعي ٻنهي فضائي فوجن وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ آپريشنل هم آهنگ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترڪيه فضائيه جي ڪمانڊر ترڪ پائليٽس جي تربيت ۾ پاڪ فضائيه جي ڪردار کي ساراهيو. ترڪيه جي قومي دفاع واري وزير ياسر گولر سان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ تاريخي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، تربيت ۽ سگهه ۾ واڌ ۽ ايرو اسپيس تعاون کي هٿي ڏيڻ جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کان اڳ بائيڪا ٽيڪنالاجيز جي چيف ٽيڪنالوجي آفيسر سلجوق بيرقدار سان ملاقات ۾ ايرو اسپيس، جدت، بنا پائليٽ جي فضائي نظام ۽ اڀرندڙ دفاعي ٽيڪنالاجيز ۾ تعاون جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. آءِ ايس پي آر موجب اهي ملاقاتون پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ وڌندڙ تعاون ۽ گڏيل ويزن جي عڪاس آهن.

مزید خبریں