اسلام آبا-22 مئي(اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري گلگلت بلتستان چونڊ مهم جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. شيڊول موجب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 7 جون تي ٿيندڙ گلگت بلتستان جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾31 مئي تي شگر ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندو. جڏهن ته چونڊ مهم جي سلسلي ۾ بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان ۾ …
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري گلگلت بلتستان چونڊ مهم جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آبا-22 مئي(اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري گلگلت بلتستان چونڊ مهم جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. شيڊول موجب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 7 جون تي ٿيندڙ گلگت بلتستان جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾31 مئي تي شگر ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندو. جڏهن ته چونڊ مهم جي سلسلي ۾ بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان ۾ 1 جون تي خلپو، 2 جون تي اسڪردو ۾ عام جلسن کي خطاب ڪندو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 3 جون تي ديا مير جڏهن ته آصفه ڀٽو زرداري هنزه ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 4 جون تي غذر جڏهن ته آصفه ڀٽو زرداري نگر ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان چونڊ مهم جي سلسلي ۾ 5 جون تي گلگت ۾ جلسي کي خطاب ڪندو.











