ڊجيٽل سسٽم ذريعي حج پانڌيئڙن کي 24 ڪلاڪ سهولتن ۽ شڪايتن جو فوري ازالو يقيني بڻايو پيو وڃي: سردار محمد يوسف

مڪو شريف-22 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف پاڪستان حج مشن مڪي شريف ۾ قائم مرڪزي حج آپريشن روم جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ حج پانڌيئڙن لاءِ ڪيل مجموعي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي مڪي شريف جي ڪوآرڊينيٽر ذوالفقار خان وفاقي وزير مجموعي حج انتظامن، حج پانڌيئڙن کي فراهم ڪيل سهولتن ۽ آپريشنل معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. دوري دوران ڊپٽي ڪوآرڊينيٽر …

مڪو شريف-22 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف پاڪستان حج مشن مڪي شريف ۾ قائم مرڪزي حج آپريشن روم جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ حج پانڌيئڙن لاءِ ڪيل مجموعي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي مڪي شريف جي ڪوآرڊينيٽر ذوالفقار خان وفاقي وزير مجموعي حج انتظامن، حج پانڌيئڙن کي فراهم ڪيل سهولتن ۽ آپريشنل معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. دوري دوران ڊپٽي ڪوآرڊينيٽر آپريشنز صداقت علي وفاقي وزير کي مشاعِر مقدسه (مني، عرفات ۽ مزدلفه) ۾ انتظامن ۽ حج پانڌئيڙن جي روانگي جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته حج پانڌئيڙن جي مرحليوار اچ وڃ، رهائش، ڪيٽرنگ، رهنمائي ۽ ٽرانسپورٽ جا جامع انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ته جيئن حج جي ڏهاڙن ۾ پانڌيئڙن کي به ڪنهن به قسم جي پريشاني جو منهن نه ڏسڻو پوي. وفاقي وزير پاڪستان حج مشن تحت قائم ڪمپلينٽ سينٽر جو به معائنو ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪوآرڊينيٽر عظميٰ شريف شڪايتن جي داخلا، فوري ازالي ۽ مانيٽرنگ جي جديد نظام تي بريفنگ ڏني. بعد ۾ وفاقي وزير ٽرانسپورٽ سيڪشن جو دورو ڪيو جتي ڊپٽي ڪوآرڊينيٽر ٽرانسپورٽ محمد اجمل کوسو کيس صلوات ٽرانسپورٽ مينيجمينٽ ايپ ذريعي ٽرانسپورٽ آپريشنز، بسن جي مانيٽرنگ، روٽس ۽ پانڌئيڙن جي اچ وڃ واري نظام کان آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هزارين حج پانڌئيڙن جي وقت سر ۽ محفوظ اچ وڃ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جامع ٽرانسپورٽ سسٽم مان ڀرپور فائدو کنيو پيو وڃي. وفاقي وزير صلوات ٽرانسپورٽ ۽ مواڪب ڪمپني جي سي اي او ۽ مالڪ ياسر جستانيه سان به ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ۽ آئنده حج سيزن دوران ٽرانسپورٽ انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، پانڌئيڙن جي سهولتن ۽ آپريشنل معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني.

مزید خبریں