پشاور مان اغوا ڪيل ٻارڙي کي جلد آزاد ڪرائڻ لاءِ شڪارپور ۾ آپريشن جاري آهي : مملڪتي وزير جو قومي اسيمبلي ۾ جواب

اسلام آباد- 22 مئي(اي پي پي ) مملڪتي گهرو  وزير طلال چوڌري چيو آهي ته پشاور مان اغوا ڪيل ٻارڙي کي شڪارپور جي علائقي ڪوٽ شاه ٿاڻي جي حد ۾ رکيو ويو آهي جتي آپريشن جاري آهي ۽ ڪالهه به هڪ ڌاڙيل ماريو ويو آهي ٻارڙي کي جلد آزاد ڪرايو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ جمال خان ڪاڪڙ ان طرف ڌيان ڏياريندي چيو ته ڪچي جي علائقي جي ڍاڙيلن پشاور جي …

اسلام آباد- 22 مئي(اي پي پي ) مملڪتي گهرو  وزير طلال چوڌري چيو آهي ته پشاور مان اغوا ڪيل ٻارڙي کي شڪارپور جي علائقي ڪوٽ شاه ٿاڻي جي حد ۾ رکيو ويو آهي جتي آپريشن جاري آهي ۽ ڪالهه به هڪ ڌاڙيل ماريو ويو آهي ٻارڙي کي جلد آزاد ڪرايو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ جمال خان ڪاڪڙ ان طرف ڌيان ڏياريندي چيو ته ڪچي جي علائقي جي ڍاڙيلن پشاور جي 11 سالن جي ٻارڙي کي اغوا ڪيو آهي ۽ ڀنگ لاءِ 15 لک روپين جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته سندس والده رقم کڻي ٻارڙي کي آزاد ڪرائڻ وئي ته ان سان ڏاڍائي ڪئي وئي . ان کي آزاد ڪرايو وڃي ۽ هتي آپريشن ڪرايو وڃي. ان جي جواب ۾ طلال چوڌري ٻڌايو ته ڪچي جي علائقي لاءِ پنجاب ۾ هڪ ترقياتي پيڪيج ڏنو ويو آهي ۽ هاڻي ڪو نو گو ايريا نه آهي اهڙي طرح سنڌ ۾ ڪاروائي ٿي رهي آهي. هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن سينيٽ ۾ اهو معاملو اٿاريو ويو هو . ٻارڙي ڍاڙيل علي گوهر جتوئي جي قبضي ۾ آهي ۽ ان جي قبيلي پاران اهو موقف اختيار ڪيو پيو وڃي ته اها ٻارڙي خريد ڪئي وئي آهي. ان ۾ ملوث ڪجهه عورتن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اتي  آپريشن جاري آهي. ڪالهه به هڪ ڌاڙيل ماريو ويو آهي ۽ هڪ ڪرسچين جنيفر کي پڻ آزاد ڪرايو ويو آهي. ايس ايس پي آپريشن جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. آءِ جي سنڌ سان رابطي ۾ آهيون. اغوا ڪيل نياڻي ڪنهن قوم يا صوبي جي نه پر پاڪستان جي آهي ۽ ان کي جلد آزاد ڪرايو ويندو.

مزید خبریں