اسلام آباد-22 مئي(اي پي پي) پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فضل چوڌري چيو آهي ته خانگي ٽي وي چئنل مان برطرف ملازمن جي بقايائن جي ادائيگي عيد کان اڳ يقيني بڻائي وڃي. قومي اسيمبلي پريس گيلري مان پي آر اي واڪ آئوٽ ڪيو. بعد ۾ ڊپٽي اسپيڪر مملڪتي وزير طلال چوڌري کي چيو ته هو ميڊيا نمائندن وٽان ان حوالي سان معلومات حاصل ڪري . شازيه مري چيو ته …
خانگي ٽي وي چئنل مان برطرف ڪيل ملازمن جي بقايائن جي ادائيگي عيد کان اڳ يقيني بڻائي وڃي : طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-22 مئي(اي پي پي) پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فضل چوڌري چيو آهي ته خانگي ٽي وي چئنل مان برطرف ملازمن جي بقايائن جي ادائيگي عيد کان اڳ يقيني بڻائي وڃي. قومي اسيمبلي پريس گيلري مان پي آر اي واڪ آئوٽ ڪيو. بعد ۾ ڊپٽي اسپيڪر مملڪتي وزير طلال چوڌري کي چيو ته هو ميڊيا نمائندن وٽان ان حوالي سان معلومات حاصل ڪري . شازيه مري چيو ته ميڊيا واڪ آئوٽ ڪيو هو. اتي سڌ سماءَ جي وزير وڏو اعلان ڪيو هو. اداري جا اشتهار شروع ڪرڻ جو نتيجو اهو نڪتو ته ان اداري ٻيهر ملازمن کي ڪڍيو. ان جي سپورٽ ڪرڻ اسان سڀني جو ڪم آهي. طارق فضل چوڌري چيو ته ان مسئلي تي عطا تارڙ ميڊيا وٽ ويو هو ۽ ان کي يقين ڏياريو ويو هو ته انهن جون بقايائون عيد کان اڳ ادا ڪيون وينديون هاڻي جيڪا صورتحال آهي ان کي لاڳاپيل وزير جي نوٽيس ۾ آندو ويندو .











