اسلام آباد- 22 مئي(اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو آهي ته سرڪاري ملامن جي سينيارٽي لسٽن کي ڳجهو نه ٿو رکي سگهجي، سرڪاري ، خانگي ۽ خودمختيار ادارا ۽ ڪارپوريشنز پنهنجون لسٽون ويب سائٽ تي جاري ڪرڻ جا پابند آهن. عدالت حڪم ڏنو آهي ته سمورا ادارا هر سال جنوري ۾ سينيارٽي لسٽون اپ ڊيٽ ڪن جڏهن ته نئين ڀرتي، ترقي يا مستقلي کان پوءِ لسٽن تي نظر ثاني …
وفاقي آئيني عدالت سرڪاري ملازمن جون سينيارٽي لسٽون ويب سائٽ تي جاري ڪرڻ کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 مئي(اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو آهي ته سرڪاري ملامن جي سينيارٽي لسٽن کي ڳجهو نه ٿو رکي سگهجي، سرڪاري ، خانگي ۽ خودمختيار ادارا ۽ ڪارپوريشنز پنهنجون لسٽون ويب سائٽ تي جاري ڪرڻ جا پابند آهن. عدالت حڪم ڏنو آهي ته سمورا ادارا هر سال جنوري ۾ سينيارٽي لسٽون اپ ڊيٽ ڪن جڏهن ته نئين ڀرتي، ترقي يا مستقلي کان پوءِ لسٽن تي نظر ثاني ڪئي وڃي. رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري فيصلي موجب وفاقي آئيني عدالت جي جج جسٽس سيد حسن اظهر رضوي پائليٽ ڪيپٽن محمد علي جي سينيارٽي بابت اپيل منظور ڪندي تفصيلي لکت وارو فيصلو جاري ڪيو. عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي غير قانوني قرار ڏيندي پورٽ قاسم اٿارٽي جي تڪراري لسٽ کي ڪالعدم قرار ڏنو ۽ اداري کي فوري طور تي نئين ۽ صحيح لسٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت قرار ڏنو ته هڪ ئي اشتهار ۽ هڪ ئي بيچ جي ملازمن جي سينيارٽي جي مقرري ميرٽ لسٽ ۾ ڏنل پوزيشن موجب هجڻ گهرجي ،سينيارٽي جو فيصلو جوائننگ جي تاريخ جي بنياد تي نه هجي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ملازم جي جوائننگ لاءِ ستن ڏينهن جو وقت ڏنو ويندو آهي ۽ ان مدي ۾ اڳ يا بعد ۾ اچڻ سان سينيارٽي متاثر نه ٿيندي. وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو آهي ته سليڪشن ڪميٽي جي سفارشن کان پوءِ ڪو به ادارو پنهنجي مرضي سان مختلف تاريخن ۾ جوائننگ ليٽر جاري ڪري ملازمن جي سينيارٽي خراب نه ٿو ڪري سگهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سينيارٽي لسٽن تائين پهچ هر شهري ۽ سرڪاري ملازم جو بنيادي حق آهي ان لاءِ انهن کي عوام کان ڳجهو نه ٿو رکي سگهجي. عدالت پورٽ قاسم اٿارٽي پاران مستقلي ۽ ستن سالن کان پوءِ تائين سينيارٽي لسٽ جاري نه ڪرڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي آئيني عدالت جي فيصلي جي ڪاپي فوري طور تي چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز کي موڪلي وڃي تي جئين سمورن سرڪاري ادارن ۾ ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي.











