ڪيوبا آمريڪا لاءِ خطرو آهي: مارڪوروبيو

واشنگٽن-22 مئي (اي پي پي)آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪوروبيو چيو آهي ته ڪيوبا آمريڪا جي قومي سلامتي لاءِ خطرو آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن معاهدي جو امڪان وڌيڪ ناهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو بيان ان وقت سامهون آيو جڏهن آمريڪا هڪ ڏينهن اڳ ڪيوبا جي اڳوڻي صدر رائول ڪاسترو تي 1996ع ۾ ٻه جهاز ڪيرائڻ ۽ آمريڪي شهرين کي مارڻ جو الزام لڳايو. مارڪوروبيو چيو ته آمريڪا هاڻي …

واشنگٽن-22 مئي (اي پي پي)آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪوروبيو چيو آهي ته ڪيوبا آمريڪا جي قومي سلامتي لاءِ خطرو آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن معاهدي جو امڪان وڌيڪ ناهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو بيان ان وقت سامهون آيو جڏهن آمريڪا هڪ ڏينهن اڳ ڪيوبا جي اڳوڻي صدر رائول ڪاسترو تي 1996ع ۾ ٻه جهاز ڪيرائڻ ۽ آمريڪي شهرين کي مارڻ جو الزام لڳايو. مارڪوروبيو چيو ته آمريڪا هاڻي به مسئلي جو حل سفارتي طريقي سان چاهي ٿو، پر صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پنهنجي ملڪ کي ڪنهن به خطري کان بچائڻ جو حق حاصل آهي. هن اهو به چيو ته ڪيوبا آمريڪا پاران 100 ملين ڊالر جي انساني امداد قبول ڪري ورتي آهي. ان ئي دوران ٽرمپ انتظاميا مسلسل ڪيوبا تي دٻاءُ وجهي رهي آهي ۽ ان جي ڪميونسٽ حڪومت کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه به ڪري رهي آهي. هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو سفارتڪاري هاڻي به ترجيع آهي، پر موجوده حالتن ۾ ان جا امڪان گهٽ آهن. هن ڪيوبا تي اهو به الزام لڳايو ته هو خطي ۾ دهشتگردي جي حمايت ڪندڙ وڏن ملڪن ۾ شامل آهي، جنهن کي ڪيوبا سختي سا رد ڪري ڇڏيو. ڪيوبا جي پرڏيهي وزير آمريڪا تي الزام لڳايو ته هو وڏي فوجي جارحيت کي هٿي ڏئي رهيو آهي ۽ مسلسل ان جي ملڪ خلاف سخت قدم کڻي رهيو آهي.

مزید خبریں